ٻچن لاءِ روزي ڪرڻ نٿي ڏني وڃي: دادو واسي پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش
ڊسمبر 21, 2024
دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ ميونسپل انتظاميا جي ناانصافي خلاف ريڙهي تي برياني وڪرو ڪندڙ تعليم يافتا نوجوان پورهيت مختيار لنڊ پيٽرول ساڻ ڪري پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ تي پنهنجي مٿان پئٽرول هاري ماچيس ڪڍي پاڻ کي باھه ڏيڻ جي ڪئي ته شاگرد کي کنڀڻ خلاف بک هڙتال تي ويٺلن پورهيت کي ڀاڪر وجهي ڪابو ڪري کائنس ماچيس کسي پاڻ ساڙڻ کان بچائي ورتو آهي ، تعليم يافتا نوجوان مختيار لنڊ زارو قطار روئيندي ميونسپل وارن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي داهيو آهي ته سندس انٽر ٿيل آهي ، نوڪري نه ملڻ ڪري ڪاليج روڊ سان دواٻو چوڪ وٽ برياني جو ريڙهو لڳائي معصوم ٻچن ۽ گهر جو گاڏو هلائيندو آهي، ميونسپل جي افتخار ابڙو ۽ ٻين پهچي سندس ريڙهو ڀڃي کڻي ويا آهن، اهڙو ظلم فوج ۽ پوليس به ناهي ڪندي جيڪو ميونسپل وارا ڪن ٿا، لٺيون کڻي اچي سندس ريڙها اوندها ڪري ڀڃي کڻي وڃن ٿا، اسان ووٽ به پ پ کي ڏيون، ميونسپل ۾ آفيسر به پ پ وارن جا ۽ ظلم به اسان سان ووٽرن سان ڪيو وڃي ٿو ، اسان جو ڏوھ ڪهڙو آهي ، پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي سزا پئي ڏني وڃي، خدا جي واسطي ريڙهو واپس ڪري ٻچا پالڻ ڏنا وڃن نه ته مان پاڻ ساڙيندس، جنهن کانپوءِ اي سيڪشن پوليس پورهيت کي ٿاڻي تي وٺي ، پوليس ميونسپل جي افتخار ابڙو سان رابطو ڪري پورهيت کي ريڙهو واپس ڪرڻ جو چيو آهي.