ٻڌي، باخبر قيادت، لاڳاپيل پاليسي وقت جي اهم ضرورت آهي: آصف زرداري

ٻڌي، باخبر قيادت، لاڳاپيل پاليسي وقت جي اهم ضرورت آهي: آصف زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري قومي ٻڌي، باخبر قيادت ۽ لاڳاپيل پاليسي کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏئي ڇڏيو، صدر زرداري چيو آهي ته سڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اڻٽر آهي، آءِ ايس پي آر موجب صدر آصف زرداري نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ 27هين  نيشنل سڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو، ورڪشاپ ۾ پارليامينٽيرينز، سينيئر سول ۽ ملٽري آفيسرز سميت سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي، صدر آصف علي زرداري ورڪشاپ جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندون به ورهايون