ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز ۽ وڪيل ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

آڪٽوبر 9, 2023

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ درخواستگذار جي وڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کي روسٽرم تي گهرايو ته وڪيل امتياز صديقي دليلن لاءِ وقت نه ڏيڻ جي شڪايت ڪندي اعتراض واريو

امتياز صديقي چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چيو هو پهرين اسان کي، پوءِ اٽارني جنرل کي ٻڌندئو، اسان کي نه ٻڌڻ ناانصافي آهي

 چيف جسٽس چيو ته حڪم نامي ۾ ڪٿي لکيل آهي ته توهان کي به ٻڌڻو آهي، امتياز صديقي جواب ڏيندي چيو ته توهان اسان سان پنهنجو رويو به ڏسو

 چيف جسٽس چيو ته ڪا ڳالهه ڪرڻ جي تميز به هوندي آهي، سمورن ججز جي صحيح سان حڪمنامي ۾ لکيل آهي ته امتياز صديقي جا دليل مڪمل ٿي چڪا ۽ هو وڌيڪ دليل ڏيڻ نه ٿو چاهي

 امتياز صديقي چيو ته منهنجو ساٿي خواجا طارق رحيم به توهان جي رويي جي ڪري اڄ عدالت نه آيو آهي، هن توهان کي پيغام پهچائڻ لاءِ چيو آهي

چيف جسٽس چيو ته توهان پنهنجي سيٽ تي ويهي رهو ان کان اڳ جو مان ڪجهه جاري ڪيان، امتياز صديقي چيو ته مان ان رويي خلاف احتجاج ڪندس، اهو چئي امتياز صديقي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيو

Leave A Comment