ٻڍو قمبراڻي ۾ نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل، شهر ۾ هڙتال، حيدرآباد روڊ تي لاش رکي ڌرڻو

ٻڍو قمبراڻي ۾ نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل، شهر ۾ هڙتال، حيدرآباد روڊ تي لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊوغلام علي/ڊگهڙي(نمائندن وٽان) نئون دمبالو ڀرسان ٻڍو قمبراڻي شهر ۾ جوابدار غلام رسول ڪلوئي دڪان تي ويٺل دڪاندار افتخار آرائين تي ڪهاڙيءَ سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي جي خبر پکڙجندي ئي علائقي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي. شهرين ۽ واپارين احتجاج ڪندي شهر بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وارثن نئون دمبالو ۾ لاش روڊ تي رکي حيدرآباد، ڊگهڙي مين روڊ تي نويد آرائين آفتاب آرائين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن سان گڏجي ڌرڻو هڻي هر قسم جي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته جوابدار غلام رسول ڪلوئي کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ھوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاء پوليس پارٽي رواني ٿي وئي آھي آخري اطلاع تائين گرفتاري عمل ۾ نه آئي۔ ھوڏانهن احتجاج سبب روڊ جي ٻنهي پاسن تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو.جڏهن ته ترجمان سنڌ حڪومت ڄام عبدالواحد هاليپوٽو ڊي ايس پي ماتلي ايس ايڇ او اياز ڀٽي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولايو ويو.