ٽئين عالمي جنگ جو خاموش آغاز؟ … وچ اوڀر کان ايشيا تائين طاقت جي خطرناڪ شطرنج راند … جاويد ڀٽي

                 دنيا هن وقت هڪ اهڙي موڙ تي بيٺي آهي، جتي ڪنهن به ملڪ جو مستقبل غير يقيني آهي. ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ وچ اوڀر کي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هاڻي جنگ جو مقصد صرف فتح ناهي رهيو، پر دشمن کي اقتصادي، سياسي ۽ نفسياتي طور ڪمزور ڪرڻ بڻجي ويو آهي. جتي هر طاقت ٻئي کي ڊگهي عرصي تائين ٿڪائڻ جي حڪمت عملي تي هلي رهي آهي. هن وقت دنيا ٻن وڏن جنگي محاذن ۽ ڪيترن ئي علائقائي تڪرارن جي گهيري ۾ آهي. وچ اوڀر ۾ صورتحال هڪ خطرناڪ موڙ تي پهچي چڪي آهي، جتي اسرائيل ۽ آمريڪا جو ايران سان سڌو سنئون ٽڪراءُ جاري آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي بيلسٽڪ ميزائل انفراسٽرڪچر ۽ فضائي صلاحيتن کي نشانو بڻايو آهي، ته جيئن هو هرمز واري سامونڊي لنگهه ۾ سامونڊي آمد و رفت کي روڪي نه سگهي. ايران “ايسڪيليشن” جي پاليسي اختيار ڪري پنهنجي اتحادي گروپن  کي متحرڪ ڪري جنگ کي 14 مختلف ملڪن تائين پکيڙي ڇڏيو آهي، ته جيئن علائقي کي “نو گو زون” بڻائي سگهجي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪوشش آهي ته ايران جي طاقت کي ايترو گهٽ ڪيو وڃي، جو هو مستقبل ۾ عالمي تجارتي رستن کي يرغمال نه بڻائي سگهي. جڏهن ته ماهر “رجيم چينج” (حڪومت جي تبديلي) کي هڪ ڏکي پر ممڪن مقصد طور ڏسي رهيا آهن.

آمريڪي ارادا ھاڻي ايران تائين محدود نظر نٿا اچن. آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر (DNI) سينيٽ ڪميٽي اڳيان بريفنگ دوران چيو ته آهي ته پاڪستان جو ميزائل پروگرام تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو پروگرام هاڻي صرف علائقائي نه رهيو آهي، پر ممڪن طور عالمي رينج ڏانهن وڌي رهيو آهي. ميزائل جي حد وڌڻ سان آمريڪا سڌو خطري جي لسٽ ۾ اچي سگهي ٿو. پاڪستان وٽ اڳ ئي ايٽمي هٿيار آهن. ميزائل + نيوڪليئر = وڏو اسٽريٽجڪ خدشو. هنن جو ايٽمي مواد غلط هٿن ۾ وڃڻ جو خطرو موجود آهي. واشنگٽن هاڻ کان ئي دنيا کي ڏيکاري رهيو آهي ته پاڪستان “نيوڪليئر پريشاني” آهي.

آمريڪا سميت 8 عرب اتحادين جي ايران سان شروع ٿيل جنگ اصل ۾ ” بيلنس آف پاور“ آهي. انھن ملڪن اسرائيل جي مالي مدد سان پوري ڏکڻ ايشيا تي ڪنٽرول جي پاليسي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان اهم ٽارگيٽ آهي. ان لاءِ پاڪستان تي نيون پابنديون، فوجي پروگرام تي دٻاءُ ۽ آء ايم ايف کان سخت پاليسيون لاڳو ڪرائي پنهنجا فيصلا مڃرايا ويندا. سي اين اين موجب، اهو خطرو يقيني آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ هي جيوپوليٽيڪل دٻاءُ ۽ طاقت جي راند آهي. آمريڪي نيشنل انٽيليجنس جي سربراهه ٽلسي گيببرڊ سينيٽ انٽيليجنس ڪميٽيءَ آڏو پنهنجي 2026 واري سالياني رپورٽ ۾ اھو پڻ چيو آهي ته پاڪستان، روس، چين، ايران ۽ اتر ڪوريا گڏجي اهڙا ميزائل نظام تيار ڪري رهيا آهن، جيڪي نيوڪليئر ۽ روايتي وارهيڊ کڻي سگهن ٿا. گيببرڊ خاص طور تي پاڪستان جي ڊگهي رينج بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت خبردار ڪيو، جنهن ۾ مستقبل ۾ انٽرڪنٽينينٽل بيلسٽڪ ميزائل (ICBM) صلاحيت شامل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته موجوده وقت ۾ آمريڪا کي لڳ ڀڳ 3,000 ميزائلن جو خطرو آهي، جيڪو 2035 تائين وڌي 16,000 ميزائلن تائين پهچي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ايران جي نيوڪليئر پروگرام بجاء پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي فوڪس ڪيو ويو آهي. دفاعي ماهرن موجب پاڪستان کي روس، چين ۽ ايران سان گڏ خطري جي لسٽ ۾ رکڻ سان مغربي ملڪن ۾ اعتماد گهٽجي سگهي ٿو.

جنگ پوري دنيا جي معيشت کي جام ڪري ڇڏيو آهي. پهرين تيل، پوء پاڻي ذخيرن ۽ هاڻ گيس ذخيرن تي حملن سان پوري دنيا ۾ بجلي ۽ ڀاڻ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. ايران هاڻي صرف فوجي هدف نه، پر توانائي (oil & gas) انفراسٽرڪچر تي حملا ڪري رهيو آهي. قطر جي Ras Laffan Industrial City تي حملو عالمي گيس سپلاءِ لاءِ وڏو ڌڪ آهي، جنهن سان تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون آهن. هي جنگ هاڻي “economic warfare + military warfare” بڻجي چڪي آهي. ايران اصل ۾ ان جنگ کي ڊگهو ڪري دنيا جي معاشي نظام کي ئي مفلوج ڪرڻ واري پاليسي تي هلي رهيو آهي. هرمز کي ڪنٽرول ڪري هاڻ سائبر حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ايران جو مقصد جنگ کٽڻ نه، پر آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن لاءِ جنگ “مهانگي” بڻائڻ ۽ عالمي معيشت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي. جڏهن ته اسرائيل ۽ آمريڪا ايران جي مرڪزي قيادت کي ئي ختم ڪرڻ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ هن وقت تائين هو ناڪام ٿي ويا آهن.

وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار سبب آمريڪا پنهنجو دفاعي نظام (THAAD ۽ Patriot) ايشيا (ڏکڻ ڪوريا ۽ جپان) مان ڪڍي وچ اوڀر ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي، جنهن سان اوڀر ايشيا ۾ سيڪيورٽي جو خال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي رپورٽ مطابق، “جيو-اڪنامڪ ڪنفرنٽيشن” (معاشي ٽڪراءُ) هن سال جو سڀ کان وڏو خطرو آهي. خوراڪ جي کوٽ کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جا رجحان به وڌي رهيا آهن. ماهرن موجب، 2026 عالمي نظم (Global Order) لاءِ هڪ آزمائشي سال آهي. جنگيون رڳو سرحد تائين محدود ناهن پر هاڻي سائبر حملن، AI ۽ عالمي سپلاءِ چين کي يرغمال بڻائڻ تائين پکڙجي ويون آهن.

وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ صدر ٽرمپ جي پنهنجي جنرلن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿي وڃڻ بعد سي اين اين تي وڏو بحث شروع ٿي ويو آهي. اها رپورٽ مارچ 2026 جي شروعاتي هفتن ۾ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ آمريڪي انتظاميا جي ايران بابت وڌندڙ پريشانين جو ذڪر ٿيل آهي. ان اجلاس ۾ آمريڪي جنرل ڪين ۽ ٻين اعتراف ڪيو آهي ته ايران پنهنجي ميزائل پروگرام ۽ ايٽمي تنصيبات کي زمين جي ايتري ته گهرائيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو آهي، جو روايتي فضائي حملن سان انهن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ ناممڪن آهي. هن وقت ايران اڪيلو نه پيو وڙهي پر لبنان، شام، عراق ۽ يمن ۾ سندس مضبوط اتحادي آهن. جيڪڏهن ايران تي سڌو حملو ٿئي ٿو ته اهي سڀ گروپ هڪ ئي وقت اسرائيل ۽ آمريڪي اڏن تي حملا شروع ڪري سگهن ٿا، جنهن کي روڪڻ لاءِ لکين فوجين جي ضرورت پوندي. هرمز ۾ ايران وٽ ننڍين ٻيڙين تي موجود هٿياربند، جهازن تي ننڍا ميزائل حملا ڪري انهن کي تباهه ڪري رهيا آهن، انهن کي روڪڻ ممڪن ناهي. ان ڪري. جيڪڏهن ائين ٿيو ته عالمي معيشت تباهه ٿي ويندي ۽ تيل جون قيمتون 200 ڊالر في بيرل کان مٿي وڃي سگهن ٿيون. هن وقت روس ۽ چين به ايران سان گڏ آهن، هو اڪيلو ناهي. روس پاران ايران کي جديد فضائي دفاعي نظام (جهڙوڪ S-400 جو اپگريڊ ورجن) ۽ چين پاران معاشي سهڪار ايران کي آمريڪي پابندين آڏو وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي.

سي اين اين پنهنجي تجزيي ۾ چيو آهي ته آمريڪي صدر ۽ سندس صلاحڪارن جي وچ ۾ اها ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته، “فوجي طاقت هاڻي حل ناهي رهي”. ايران کي روڪڻ لاءِ آمريڪا کي جنهن وڏي جنگ ۾ ٽپڻو پوندو، ان جي قيمت آمريڪا برداشت نٿو ڪري سگهي. ان معاملي تي اسرائيل سخت بيان جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ اسرائيلي حڪومت ۽ فوجي قيادت (IDF) جو واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران کي روڪڻ ۾ پاڻ کي “بيوس” محسوس ڪري رهيو آهي، ته پوءِ اسرائيل اڪيلو ايران جي ايٽمي تنصيبات تي حملو ڪرڻ جو حق رکي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم پاران اهو بيان جاري ڪيو ويو آهي ته، “اسرائيل جي بقا جو دارومدار ڪنهن ٻئي ملڪ جي اجازت تي ناهي.” ليڪ ٿيل گفتگو ۾ ايران جي ميزائل طاقت جو جيڪو ذڪر ٿيو آهي، ان جي جواب ۾ اسرائيل پنهنجي Arrow-3 ميزائل سسٽم کي هاءِ الرٽ تي رکيو آهي. ان کان علاوه، اسرائيل هاڻي پنهنجي نئين ليزر ٽيڪنالاجي “Iron Beam” کي تيزيءَ سان ميدان ۾ آڻي رهيو آهي ته جيئن ايراني ڊرونز ۽ ميزائلن کي گهٽ خرچ تي فضا ۾ ئي تباهه ڪري سگهجي.

اسرائيلي دفاعي ماهرن (موساد جي اڳوڻن آفيسرن) جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي اها “بيوسي” ايران کي وڌيڪ دليري ڏيندي. تنهنڪري اسرائيل هاڻي ايران جي “پراڪسين” (لبنان ۾ حزب الله ۽ يمن ۾ حوثي) جي بجاءِ سڌو سنئون ايران جي اندر حساس هدفن کي نشانو بڻائڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي. تل ابيب واشنگٽن کي چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو ته تهران ڪجهه هفتن ۾ ئي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيندو. ان صورتحال جنگ جي نئين لائين ڇڪي ڇڏي آهي. اها جنگ هاڻي ڪنهن هڪ ملڪ يا علائقي جي نه رهي آهي، پر هڪ اهڙي عالمي طاقت جي راند بڻجي چڪي آهي، جتي هر قدم ايندڙ وڏي ٽڪراءَ جو پيش خيمو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن توانائي، سائبر ۽ فوجي محاذ هڪ ئي وقت مڪمل شدت سان ٽڪرايا، ته دنيا هڪ اهڙي بحران ۾ داخل ٿي سگهي ٿي جتان واپسي ممڪن نه رهندي.