ٽئين هفتي ۾ داخل ٿيل ايران جنگ … حيدر جاويد سيد

                 جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ۽ تعصب وڪامندا آهن، پر پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي سچ يا سچ سان ويجھڙائي رکندڙ خبرن جو ڏيئو ٻرندو رهي ٿو، ڀلي اهو ٽمڪندو ئي ڇو نه هجي۔ هاڻوڪي ايران واري جنگ جا آخري نتيجا ڪھڙا ھوندا؟ هن سوال جو جواب چٽو پٽو ڀت تي لکيل آهي، پر اسان اوڏانهن نھار کان ڇو ٿا لنوايون؟ هن سوال جو هڪ جواب ته اهو آهي ته اسان جي چوڌاريء موجود ماڻهو هن جنگ کي پنهنجي پنهنجي عقيدي ۽ تعصب جي نظر سان نه رڳو ڏسن ٿا، پر نتيجن بابت به پنهنجي راءِ کي آخري سچ سمجهي “گٿي گفتار” جي حد به پار ڪري وڃن ٿا۔ ائين ڇو آهي؟ ان تي گهڻي سوچ ويچار يا ڊگهي بحث جي ضرورت ناهي۔ هتي هر ماڻهوءَ جو پنهنجو سچ آهي۔ جارح ۽ ظالم جو پنهنجو سچ آهي، ۽ مظلوم جو پنهنجو سچ۔ مثال طور: آمريڪي وزيرِ دفاع جو سچ اهو آهي ته, “ايران سان جنگ لاءِ آمريڪا جا “نوڪوارٽر آرڊرز” ئي جنگ جو اصل سچ آهن”، يعني ڪنهن به دشمن کي قيدي نه بڻايو ويندو، پر سڀني کي ماريو ويندو۔

                 انساني حقن جون عالمي تنظيمون هن “نوڪوارٽر آرڊرز” بابت ڇا چون ٿيون يا ڇا چونديون، اها ته خبر ناهي، پر منهنجي، هڪ طالبعلم جي حيثيت ۾ راءِ اها آهي ته ايران ۾ شاگردياڻين جي اسڪول تي آمريڪي ميزائل حملي کي به شايد انهن ئي “نوڪوارٽر آرڊرز” جي تحفظ جي ڇت مهيا ڪئي پئي وڃي۔ يعني ڪنهن سان به رعايت نه، سڀني کي ماريو وڃي۔ ان ظلم مٿان ظلم اهو آهي ته 170 نينگرين جي بي رحماڻي قتل کي جواز ڏيڻ لاءِ آمريڪي وزارتِ دفاع جا ڏاھا جيڪو دانش جو وکر ويچي رهيا آهن، ان تي ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ انسانن، خاص طور تي انساني حقن جي تنظيمن، اهو ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي جيڪو ڏيکارڻ گهرجي ها۔

آچر ڏينهن 15 مارچ جي صبح ويل، جڏهن ھي سٽون لکي رھيو آھيان، ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي اڳرائي هاڻي ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي چڪي آهي۔ چئن ڏينهن اندر حڪومت جي تڏا ويڙه ڪرڻ جو مشن کڻي ايران تي ھلان ڪندڙ هاڻي اهو چئي رهيا آهن، بلڪه اپيل ڪري رهيا آهن ته هرمز واري سامونڊي لنگهه ذريعي تيل کڻندڙ ۽ واپاري سامونڊي جهازن کي محفوظ طريقي سان گذارڻ لاءِ دنيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري۔

سوال اهو آهي ته جنيوا ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾، هن اڳرائيءَ کان اڳ جيڪي ڳالهيون هلي رهيون هيون، ڇا اهي مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويون هيون؟ اهو بلڪل به صحيح ناهي۔ بلڪه جنگ شروع ٿيڻ کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ آمريڪا ۽ ايران ٻنهي جا نمائندا ٻڌائي رهيا هئا ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي۔ جنيوا مان روانگي وقت ايراني پرڏيهي وزير ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو هو ته ڳالهين جي ايندڙ دؤر جي تاريخ به طئي ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت نااميدي جهڙي ڪا به ڳالهه ناهي۔… پر ڳالهين جي ايندڙ دؤر شروع ٿيڻ کان اڳ ئي آمريڪا پنهنجي پالتو اسرائيل سان گڏ ايران تي حملو ڪري ڇڏيو۔

اڳرائيءَ جي شروعات کان وٺي هيستائين پندرنهن سورنهن ڏينهن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو دنيا جي سامهون آهي۔ ۽ اهو به ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي ناٺيءَ سميت چئن ماڻهن جا نالا کڻي چيو ته انهن مون کي قائل ڪيو هو ته جيڪڏهن ايران خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ايران آمريڪا تي حملو ڪري سگهي ٿو۔ مطلب ته ماضي ۾ آمريڪا لاءِ جنگ جو ميدان ان جون خفيه ايجنسيون ڳولينديون هيون، پر هن ڀيري اهو ڪم ناٺيءَ ۽ ٻين ڪري ڇڏيو۔

ياد رهي ته ٽرمپ جو ناٺي اسرائيل لاءِ خاص ايلچي پڻ آهي، انهيءَ سبب آمريڪي راءِ عامه جو هڪ طبقو اهو خيال ظاهر ڪري رهيو آهي ته اسرائيل نه پئي چاهيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿين ۽ نتيجا خيز به ثابت ٿين. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته هن راءِ کي نظرانداز ڪرڻ يا رد ڪري ڇڏڻ درست نه آهي.

آمريڪا ۽ اسرائيل جي اڳرائي، جيڪا هاڻي ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ان جون زميني تباهيون ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهن، پر هن اڳرائيءَ عالمي معيشت جي بنيادن کي جنهن نموني ڌوڏي ڇڏيو آهي، ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلا هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ سنگين ٿيندا ويندا. گذريل ڪالم ۾ به هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي عرض ڪيو هئم ته ايران سان جنگ جي ڪري دنيا جنهن معاشي ابتريء جو طوفان محسوس ڪري رهي آهي، ان جا مسئلا ته ترقي يافته ملڪن لاءِ به هوندا، پر ٻئي ۽ ٽئين دنيا جي ملڪن جي عوام کي هي معاشي بحران چڱيءَ طرح نپوڙي ڇڏيندو. اسان ان جو اندازو پنهنجي ملڪي حالتن مان چڱي طرح لڳائي سگهون ٿا. هتي ذخيرو ڪيل تيل جي قيمتن ۾ جيڪو رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ان مهانگائيءَ جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آهي.

مٿان وري ستم اهو آهي ته هاڻي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ٽن درجن ۾ ڪٽوتين جو فارمولو به سامهون اچي ويو آهي. ان کي ئي چوندا آهن: “مرے کو مارے شاہ مدار”۔

مهانگي بجلي، عوامي سهولتن جی قیمتن ۾ اڻ اعلانيل واڌارو، سوئي گيس، ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي ماهوار بلن ۾ اضافو وغيره- اهي سڀ اسان جي انهن “تجربيڪار” ماهرن جا ڪارناما آهن، جيڪي کليل مارڪيٽ مان ڊالر خريد ڪري معاشي سڌارن جا فارمولا وڪڻن ٿا ۽ دلپشوري ڪن ٿا.

ايران تي مڙهيل هن جنگ کي سادن لفظن ۾ عالمي غنڊه گردي ئي چئي سگهجي ٿو. جنگ ۾ ڪوڙ سڻڀن کاڌن وانگر ھٿو ھٿ وڪامندو آهي. سڌ سماءَ جا ذريعا به ڪوڙ کي پر لڳائي اڏائيندا آهن. سرمائيدار کي رڳو منافعي سان غرض هوندي آهي؛ اهو منافعو ڪوڙ جي پوک مان ملي يا سچ جي قتل مان، ان سان هن کي ڪو به سروڪار نه آهي. اهو وقت گذري ويو جڏهن سڌ سماءَ جا ذريعا سوچ سمجھ سان ذميواريون نڀائيندا هئا؛ هاڻي اهي پنهنجي مالڪن جي مالي مفادن جي حفاظت ڪندا آهن. باقي رهيل ڪسر سوشل ميڊيا پوري ڪري ڇڏي آهي – خواهشن ۽ تعصبن کي ئي خبر بڻايو ويو آهي.

رڳو ايترو ئي نه، پر اهو چوڻ به درست هوندو ته فرقيواراڻي تعصبن سان ڀريل گٽرن جا منهن سوشل ميڊيا تي کوليا ويا آهن. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هن “نيڪ ڪم” ۾ اهي غيرسرڪاري رضاڪار به ثواب ڪمائي رهيا آهن، جن کي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي دفاع لاءِ ماهوار بنيادن تي وظيفو ڏنو ويندو آهي. توهان آسانيءَ سان ائين سمجهي وٺو ته اهو به ففٿ جنريشن وار وارن لشڪرين جهڙو ئي هڪ لشڪر آهي.

جيڪڏهن توهان سوشل ميڊيا جي مختلف سائيٽن مان ڪنهن هڪ تي يا فيس بڪ تي موجود ۽ سرگرم آهيو ته چئني پاسي نظر ڦيرائي ڏسو؛ گذريل پندرنهن ڏينهن دوران هزارين اهڙا سوشل ميڊيا اڪائونٽس سرگرم ٿيا آهن، جن تي ڏينهن رات زهر اوڳاڇيو پيو وڃي. اهو ڪم عقيدن ۽ مولويَن سان گڏ “ابليس جي مجلسِ شوريٰ” جي دفاع جي نالي تي ٿي رهيو آهي. اسان وٽ ننڍين ننڍين ڳالهين يا حڪومتي ۽ رياستي پاليسين سان اختلاف ڪندڙن کي نوٽيس موڪلڻ وارا هن معاملي ۾ ڀنگ پي بي سڌ ستا پيا آهن.

هنن سٽن ۾ جڏهن به اهو عرض ڪيم ته اسان وٽ مذهب، عقيدن ۽ تاريخ سميت سڀ ڪجهه ڏيساوري مال آهي ته پڙهندڙن جو وڏو تعداد ان تي مڇرجي پيو؛ پر ڪڙو سچ اهو ئي آهي ته انهن ڏيساوري سوغاتن اسان کي ڪٿي جو به نه ڇڏيو آهي. اسان سڀني سان گڏ آهيون، سواءِ پنهنجي پاڻ سان. آخر ائين ڇو آهي؟ اهو مسئلو ڪو فيثاغورث وارو معمو هرگز ناهي. مثال طور، ايران ۾ هن سال انقلاب جي سالگرهه جو جشن ملهائيندي بعل نالي شيطان جو مجسمو ساڙيو ويو. هتي اسان جي ڀائرن به يوم القدس جي جلوسن ۾ بعل جو مجسمو ساڙي ٻئي جهانن جو ثواب ڪمائڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻي ٿورو ان تي سوال ته ڪريو؛ جواب سان چوڏنهن طبق روشن ٿي ويندا. هي رڳو هڪ مثال آهي. جيڪڏهن وڳوڙن جو خطرو نه هجي ته القدس جي جلوسن ۾ وڄايل هڪ تراني تي به ڳالهائي سگهجي ٿي، پر ڇا ڪجي! هتي انڌي تقليد جي ڪئنسر جهڙي بيماري ۾ مبتلا عناصر ڳچيءَ ۾ پئجي وڃن ٿا.

معاف ڪجو، اصل موضوع کان ڪجهه ھٽي ويو آهيان، پر ڪجهه ضروري ڳالهيون عرض ڪرڻيون پيون. اسان ڪڏهن اهو سمجهنداسين ته رياستن جي لاڳاپن ۾ سياسي ۽ معاشي مفادن کي اوليت حاصل هوندي آهي؟ انهن لاڳاپن جي “کيس” جي مذهب ۽ عقيدي جي کڏين تي اڻت نٿي ٿي سگهي.

آمريڪا ۽ ان جي “پالتو” اسرائيل جي ايران خلاف اڳرائي شرمناڪ به آهي ۽ مذمت جوڳي به. اڳ به اھو عرض ڪري چڪو آهيان ته جنگ جا ظاهري نتيجا جيڪي به نڪرن، ايراني قوم جنهن همت ۽ ثابت قدميءَ سان هن اڳرائيءَ جو جواب ڏنو آهي ۽ ڏئي رهي آهي، اها اڏولتا ۽ سورھيائي فتح ۽ شڪست جا نوان معيار رقم ڪندي.

ايران واري جنگ سڀاڻي ئي ختم ٿي وڃي يا مهيني تائين هلندي رهي، ان جا جيڪي معاشي اثر دنيا تي پوندا، تن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. گذريل ڏينهن ايراني معيشت ۾ بنيادي اهميت رکندڙ تيل جي دولت سان مالا مال ايراني ٻيٽ تي تباهه ڪندڙ حملن کان پوءِ آمريڪا دعويٰ ڪئي ته ان ٻيٽ تي موجود فوجي تنصيبات کي تباهه ڪيو ويو آهي. ڇا هن نئين ڪارروائيءَ سان رڳو ايران جي اندروني معيشت وڌيڪ ڪمزور ٿيندي؟ اسان جي خيال ۾ ان سان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان گڏ تيل جي سپلاءِ به متاثر ٿيندي. ايران شايد جواب طور هرمز واري سامونڊي لنگهه ۾ وڌيڪ ڪارروائيون ڪري. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي پراسرار خاموشيءَ سبب چؤٻولن ۽ سوالن سان گڏ افواهن جو طوفان اچي ويو آهي. سوشل ميڊيا ته نيتن ياهو کي ماري ڇڏيو آهي. ڇا هيءَ خبر به عطاء الله عيسى` خيلوي ۽ شاڪر شجاع آبادي جي موسمي وفات وارين خبرن جهڙي آهي يا ان ۾ واقعي ڪا حقيقت به آهي؟ ان بابت حتمي ڳالهه ڪرڻ مشڪل آهي. ساڳئي وقت آمريڪا مان اهي خبرون به سامهون اچي رهيون آهن ته حڪمران جماعت ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ ٽرمپ جي ايران جنگ واري پاليسيءَ خلاف ردعمل وڌي رهيو آهي. 54 سيڪڙو آمريڪي ايران سان جنگ جي خلاف آهن. گذريل ٽن چئن ڏينهن دوران آمريڪي صدر جي بيانن ۽ انٽرويوز مان ناڪام خواهشن جو اندازو لڳائڻ هرگز مشڪل ناهي.

ھوڏانھن جنگ جي ميدان ۾ ايران گذريل ڏينهن به خطي ۾ آمريڪي مفادن کي نشانو بڻائيندو رهيو. ٽئين هفتي ۾ داخل ٿيندڙ هن جنگ جو هڪ دلچسپ پاسو اهو به آهي ته ٽي ڏينهن اڳ آمريڪي چوندا هئا ته ايران کي ايراني قيادت لاءِ غير محفوظ بڻايو ويو آهي، پر ايراني صدر سميت درجنين وڏا عهديدار القدس ريلين ۾ نمايان طور تي نظر آيا.

پڇاڙڪا لفظ اھي آھن ته ايران واري جنگ جي آڙ ۾ فرقيواريت جا دڪان سجائي بازارن ۽ سوشل ميڊيا تي وکر ويچيندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪا اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿئي. اهو پڻ ته تعصبن جا نانگ عقيدن جي پٽاري مان ڪڍڻ بدران اڳرائي ڪندڙ ملڪن آمريڪا ۽ اسرائيل جي چٽن لفظن ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي.