| ٽائمز نيوز ۽ پنهنجي اخبار ٽنڊي محمد خان جي ضلعي رپورٽر مٿان وري حملو، فائرنگ، 9 زخمي، 3 گرفتار |
بلڙي شاهه ڪريم/ٽنڊو غلام حيدر (نمائندن وٽان) ٽنڊو غلام حيدر جي مويا ڀرسان ڳوٺ قاضي احمد ٻانڀڻ تي هٿياربندن جي چڙهائي ، فائرنگ ، ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي رپورٽر سينئر صحافي قاضي شمس جي گهر ڀاتين تي حملا ، 2 عورتن سميت 9 زخمي ، ٽنڊو غلام حيدر جي مويا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ قاضي احمد ٻانڀڻ ۾ هٿياربندن جي ڪيل چڙهائي دوران هوائي فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ حملي آورن روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر ، سينئر صحافي قاضي شمس ٻانڀڻ جي گهر ۾ داخل ٿي مردن عورتن معصوم ٻارن تي وحشاڻو تشدد ڪري ٻن عورتن مسمات قمر النساء ، مسمات شميم ، صحافي جو پٽ قاضي شايان ، قاضي زين ، قاضي خالد ، قاضي امين ، قاضي رمضان ، قاضي واجد ، قاضي راشد کي لوهي سيکن ، ڪهاڙين ، لٺين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو ، زخمين کي مويا ٿاڻي تان علاج لاءِ ليٽر وٺڻ ۾ پوليس عورتن کي ليٽر ڏيڻ بجاءِ ٽنڊو غلام حيدر اسپتال تي روانو ڪري ڇڏيو جنهن مان 7 مردن کي ٽنڊو غلام حيدر اسپتال انتظاميه حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو آهي ، مويا ٿاڻي تي فرياد لاءِ ويل سينئر صحافي قاضي شمس ٻانڀڻ جي وڏي ڀاءُ عبدالطيف ۽ سندس پٽ عابد لطيف ، جنيد لطيف کي پوليس مويا ٿاڻي تي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب طرفان پريس ڪلب جي گيٽ آڏو سينئر صحافي قاضي شمس ٻانڀڻ جي خاندان تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري صحافين واقعي جو گهرو کاتي جو صوبائي وزير ، آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان فوري طور نوٽيس وٺڻ ۽ حملي آور هٿياربندن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ گرفتاريون عمل ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، اڄ کان ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙ صحافين جو چوڻ هو ته پوليس بااثرن جي ڪمداري جي حد ڪري ڇڏي، صحافي مٿان روز روز جا حملا برداشت نه ٿا ڪري سگهجن.