| ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز ۽ ٽائون ڪاميٽين کي 4 ارب 21 ڪروڙ جاري |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناڻي کاتي جي اختيارين پاران سمورن ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز ۽ ٽائون ڪميٽين کي مجموعي طور تي 4 هزار 213 ملين کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي وئي آهي. ان حوالي سان ناڻي کاتي جي اختيارين پاران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزنن جي سمورن بلدياتي ادارن کي او زيڊ جي مد ۾ رقم جاري ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته لوڪل ڪائونسلن کي هر مهيني ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين خرچن لاءِ ماهوار ملندڙ رقم لاڳاپيل ادارن کي اڪائونٽ ۾ اماڻي وئي آهي.