ٽائيم نيوز رپورٽر قاضي شمس جو اغوا پوٽو جوابدار حيدرآباد ڇڏي ويا

ٽائيم نيوز رپورٽر قاضي شمس جو اغوا پوٽو جوابدار حيدرآباد ڇڏي ويا

ٽنڊوڄام/ٽنڊومحمد خان(نمائندن وٽان) ٽنڊي محمد خان جي ٽائيم نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر قاضي شمس ٻانڀڻ جي ڀائٽيي جو اغوا ڄاڻايل 10 سالن جو معصوم پٽ راشد ولد خالد ٻانڀڻ حيدرآباد ٻهراڙي جي راهوڪي ٿاڻي جي حد مان هٿ آيو، کيس وارثن حوالي ڪيو ويو، 10 ڏينهن اڳ هٿياربندن سندس پٽ ۽ ڀائٽيي کي زخمي ڪرڻ سان گڏ ھن جي ڀائيٽي جي معصوم پٽ راشد کي اغوا ڪيو ھو، راشد ولد خالد ٻانڀڻ حيدرآباد جي راھوڪي ٿاڻي جي حد مان لاوارث حالت ۾ پوليس کي مليو، پوليس موجب معصوم نينگر ڳوٺ ڀينڊي شريف جي موري وٽ گشت ڪندڙ پوليس کي هٿ آيو، نينگر مسلسل روئيندو رهيو. کيس وارثن حوالي ڪيو ويو.ٻئي طرف ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ خالد لطيف ٻانڀڻ سندس زال نيلما ٻانڀڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ڄاڻايو ته اسان جي پٽ کي ڳوٺ جي رهواسي بااثر شخص مشتاق ڪاٺٻانڀڻ، رفيق ڪاٺٻانڀڻ، قادر بخش، لکاڏنو ۽ ٻين نامعلوم 50 کان وڌيڪ هٿياربندن گهرن جي اندر داخل ٿي اغوا ڪيو هو. جنهن بابت مويا پوليس ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود 9 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ اڃا تائين پوليس واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي آهي نه وري ڪا گرفتاري ڪئي آهي. انصاف نه ملڻ جي ڪري مايوس آهيون.هنن چيو ته مصعوم ٻار کي 9 ڏينهن نامعلوم هنڌ قيد رکيو ويو هو کيس ڪنهن وقت ماني ڏيندا هئا ته ڪنهن وقت بک تي ڇڏي ڏيندا هئا، ٻار تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو آهي اسان سان تمام وڏي ناانصافي ٿي آهي ايف آءِ آر داخل ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسان بک هڙتال ڪنداسين.