ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

جُون 19, 2025

ڀان سيدآباد (پنهنجي ڊيسڪ) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ضلعي ڄامشورو جي رپورٽر مير مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر اڻڄاتل هٿيار بندن جي فائرنگ، هٿياربندن صحافي مرتضيٰ نوحاڻي جي ڄامشورو سوسائيٽي واري گهر تي حملو ڪيو،

فائرنگ سبب دوڪانن جي شٽرن تي گولين لڳڻ سبب سوراخ ٿي ويا، هٿيارنبد جوابدار ڏينهن ڏٺي جو فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.

فائرنگ سبب علائيقي ۾ خوف ڇانئجي ويو، صحافي مرتضيٰ نوحوحاڻي جا گهر ڀاتي  محفوظ رهيا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وواقعي جا تفصيل ورتا، صحافي مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر تي حملي خلاف صحافين ۾تاءُ  پکڙيل آهي.

صحافين جو چوڻ آهي ته ڪجهھ مهينا اڳ صحافي مرتضيٰ نوحاڻي جي ماروٽ سدرا نوحاڻي کي جوابدارن گوليون هڻي شهيد ڪيو هو، جنهن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافي مرتضيٰ نوحاڻي مسلسل آواز اٿاريندو رهيو آهي.

يونين آف جنرلسٽ ضلعي ڄامشورو صدر مظفر کوکر فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي هڪدم گرفتار ڪري صحافي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌوءَ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ ، گڊو بيراج وٽ ننڍي ٻوڏ

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ