ٽائيٽينڪ جو ملبو ڏسڻ لاءِ ويل آبدوز ۾ سوار شهزادا دائود سميت 5 ئي مسافر فوت: آمريڪي اختيارين پاران باضابطا اعلان
جُون 23, 2023
واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) ٽائٽينڪ جهاز جو ملبو ڏسڻ لاءِ آبدوز ۾ سوار شهزادا دائود سميت 5 ئي مسافر فوت، آمريڪي اختيارين باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪي ميرين اختيارين موجب گم ٿيل آبدوز ٽائٽان جو ملبو ٽائٽينڪ جهاز جي ويجهو ئي هٿ آيو، ملبو هٿ اچڻ بعد آبدوز جي مالڪ ڪمپني اوشين گيٽ 5 ئي مسافرن جي موت جي تصديق ڪئي وئي
امريڪي ڪوسٽ گارڊز پاران به سياحن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي فوت ٿيل مسافرن ۾ پاڪستاني اينگرو ڪمپني جو وائيس چيئرمين شهزاده دائود، سندس پٽ سليمان دائود، اوشين گيٽ ڪمپني جو سي اي او اسٽاڪٽن رش، فرانسيسي شهري پال هينري ۽ برطانوي ارب پتي هميش هارڊنگ شامل آهن
Difference of the World we live in today.
#GreeceBoatDisaster #titanicsubmarine pic.twitter.com/i59kBo3Rr3
— Usama Virk (@UsamaVirkk) June 23, 2023