لنڊن(پنهنجي ڊيسڪ)تاريخي سامونڊي جهاز ٽائيٽينڪ جي تفريحي سفر تي ويندڙ ٻيڙي گم ٿي وئي آهي ان ٻيڙي ۾ 5 مسافر سوار هئا جن ۾ پاڪستاني واپاري شهزاد دائود پٽ سميت شامل هو
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ٻيڙي جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان تفريحي مهم جو انتظام ڪندڙ ڪمپني اوشين گيٽ جو چيف ايگزيڪيوٽو سٽاڪٽن رش، برطانوي ارب پتي واپاري هميش هارٽنگ به گم ٿيل مسافرن ۾ شامل آهن
پرڏيهي خابرو اداري موجب هميش هارٽنگ سفر جي شروعات کان اڳ سوشل ميڊيا تي لکيو هو ته کيس اهو اعلان ڪندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته آئون ٽائيٽينڪ جي ملبي تائين ويندڙ مشن جو حصو آهيان
سندس چوڻ هو ته نيو فائونڊلينڊ ۾ 40 سالن جي بدترين سرد موسم جي ڪري هلندڙ سال جو اهو پهريون ۽ آخري مشن هوندو
واضح رهي ته ان 8 ڏينهن واري سفر لاءِ اڍائي لک ڊالر جي ٽڪيٽ مقرر ٿيل هوندي آهي ۽ سمنڊ جي تهه ۾ 38 سئو ميٽر تائين هيٺ لهي ٽائيٽينڪ جي ملبي جو نظارو ڪيو وڃي ٿو
شهزادا دائود ڪير آهي؟
دائود خاندان جو شمار پاڪستان جي امير ترين خاندانن ۾ ٿئي ٿو پر سندس برطانيا سان به گهرا لاڳاپا آهن شهزادا دائود اينگرو ڪارپوريشن جو نائب چيئرمين آهي، اها ڪمپني ڀاڻ، کائڻ پيئڻ جي شين ۽ توانائي جي شعبي ۾ ڪم ڪري ٿي
برطانوي ميڊيا موجب شهزادا دائود پاڪستان ۾ پيدا ٿيو هو پر بعد ۾ برطانيا منتقل ٿيو جٿي هن يونيورسٽي آف بڪنگهم مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي جڏهن ته يونيورسٽي آف فلاٽيلفيا مان گلوبل ٽيڪسٽائل مارڪيٽنگ ۾ ايم ايس سي به ڪئي آهي
شهزادا دائود خلا ۾ ريسرچ ڪندڙ هڪ ڪمپني ايس اي ٽي آئي انسٽيٽيوٽ جو ٽرسٽي ۽ برطانيا ۾ پرنس ٽرست چيريٽي جي بورڊ جو ميمبر ۽ دائود هرڪوليس ڪارپوريشن جو وائيس چيئرمين به آهي جيڪا دائود گروپ جو حصو آهي، سندس ڪمپني ايس اي ٽي آئي پنهنجي ويب سائيٽ تي ڪجهه تفصيل به فراهم ڪيا آهن
ٻئي طرف سندس خاندان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو ٽائيٽينڪ جي تفريحي سفر تي ويل آهي پر هاڻ سندس ٻيڙي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي انڪري ڪابه معلومات نه پئي ملي