ٽائيٽينڪ حادثي جي مسافر جي گهڙي 18 ڪروڙن ۾ نيلام

ٽائيٽينڪ حادثي جي مسافر جي گهڙي 18 ڪروڙن ۾ نيلام

نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) تاريخي ٽائيٽينڪ حادثي جي مسافر جي گهڙي 18 ڪروڙ ۾ نيلام  ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 112 سال اڳ حادثي جو شڪار ٿيل بدقسمت جهاز ٽائيٽينڪ اڄ به سموري دنيا ۾ مشهور ببڻيل هي جڏهن ته ان جي ملبي مان مليل شين کي به شوقين وڏي دلچسپي سان خريد ڪري رهيا آهن، تازو ئي ان جهاز ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل آمريڪي واپاري ايسٽور اسٽراس جي هٿ آيل گهڙي  آسٽريلوي ڊالر ۾ نيلام ڪئي وئي. آمريڪي واپاري، سياستدان ۽ نيويار جي مشهور ميسيز ڊپارٽمينٽ اسٽور جو شريڪ مالڪ ايسڊور اسٽراس 14 اپريل 1912 ۾ زال آئڊا سان گڏ ٽائيٽينڪ ۾ سائوٿمپٽن کان نيويارڪ لاءِ سوار ٿيو ، بدقسسمت حادثي سبب ٻئي زال مڙس ٻڏي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته ايسڊور جي قيمتي گهڙي جهاز جي ملبي مان هٿ آئي هئي. 14 قيراط جي سون مان تيار ٿيل اها گهڙي نيويارڪ جي نيلام گهر ۾ نيلامي لاءِ پيش ڪئي وئي جنهنکي هڪ آسٽريلوي شوقين  3.61 ملين آسٽريلوي ڊالرز ۾ خريد ڪيو، جيڪا رقم پاڪستاني ڪرنسي ۾ 18 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي. واضح رهي ته ٻڏي ويل جهاز جي ملبي مان مليل مختلف شيون نيلام ۾ پيش ٿي چڪيون آهن.