ٽالپرن سنڌ جي دفاع لاءِ جنگيون وڙهيون ۽ قربانيون ڏنيون: فريال ٽالپر

ٽالپرن سنڌ جي دفاع لاءِ جنگيون وڙهيون ۽ قربانيون ڏنيون: فريال ٽالپر

ڪراچي: پيپلز پارٽي ميمبر فريال ٽالپر پاران اسلام آباد ۾ مضبوط لوڪل گورنمينٽ نظام آڻڻ جو مطالبو، فريال ٽالپر چيو ته اسان سنڌ جا ٻار آهيون، سنڌ سان گڏ بيٺا آهيون ۽ سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين. سنڌ جي وحدت جي تحفظ لاءِ اسان هر صورت ۾ بيٺا رهنداسين هن چيو ته ايوان ۾ ٽالپر خاندان بابت ڳالهه ڪئي وئي، ان تي وضاحت ضروري آهي. ٽالپرن سنڌ جي دفاع لاءِ جنگيون وڙهيون ۽ قربانيون ڏنيون. ميرپورخاص جو مير شير محمد ٽالپر سنڌ جي دفاع لاءِ انگريزن خلاف وڙهيو. هن چيو ته مير شير محمد ٽالپر کي شيرِ سنڌ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ٽالپر خاندان جي تاريخ سنڌ جي دفاع ۽ مزاحمت جي تاريخ سان جڙيل آهي. سنڌ لاءِ وڙهندڙن جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ جو نظام ڪاميابي سان هلايو ويو ۽ عوام کي خدمتون فراهم ڪيون ويون. اسلام آباد ۾ به مضبوط لوڪل گورنمينٽ نظام قائم ڪيو وڃي. سوال اهو آهي ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ اڄ تائين مؤثر لوڪل گورنمينٽ نظام ڇو نه آندو ويو آهي؟