| ٽام هالينڊ:“اسپائيڊر مين: برانڊ نيو ڊي”31 جولاءِ تي ايندي |
لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي اداڪار ٽام هالينڊ انڪشاف ڪيو آهي ته ‘اسپائيڊر مين’ جو ڪردار ملڻ بابت کيس سوشل ميڊيا ذريعي ڄاڻ ملي هئي، هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ هن چيو ته هو ڪيترن ئي هفتن کان پنهنجي ڪردار جو بيچيني سان انتظار ڪري رهيو هو پر کيس ڪا به سڌي معلومات نه ڏني وئي. مارول اسٽوڊيو انسٽاگرام تي اسپائيڊر مين بابت هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ مداحن کي ويب سائيٽ تي وڃڻ ۽ نئين اسپائيڊر مين جو نالو ڳولڻ لاءِ چيو ويو. ٽام مطابق جڏهن هو پاڻ به ويب سائيٽ تي ويو ته اهو اعلان ڏسي حيران ٿي ويو ته کيس نئون اسپائيڊر مين چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته بعد ۾ اسٽوڊيو جي صدر کيس خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ فون پڻ ڪيو، ياد رهي ته ٽام هالينڊ 2016 ۾ فلم “ڪيپٽن آمريڪا: سول وار” ذريعي اسپائيڊر مين جو ڊيبيو ڪيو، جنهن کانپوءِ هن “ايوينجرز: انفنيٽي وار” ۽ “ايوينجرز: اينڊ گيم” فلمن ۾ به اهو ڪردار نڀايو، هاڻ ٽام هالينڊ 31 جولاءِ تي رليز ٿيندڙ فلم “اسپائيڊر مين: برانڊ نيو ڊي” ۾ سپر هيرو جي روپ ۾ نظر ايندو.