ٽانڪ ۾ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، 12 فوجي جوانن سوڌو 15 اهلڪار شهيد: 12 خارجي مارجي ويا

ٽانڪ ۾ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، 12 فوجي جوانن سوڌو 15 اهلڪار شهيد: 12 خارجي مارجي ويا

ٽانڪ/راولپنڊي (م ڊ + بيورو رپورٽ) ٽانڪ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي گڏيل چيڪ پوسٽ مانجهي خيل تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 12 فوجي جوانن سميت 15 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب،فتنه الخوارج چيڪ پوسٽ تي بزدلاڻو حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهلڪارن غيرمعمولي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙ 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب، سخت دٻاءُ کانپوءِ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ٻاهرين ڀت سان ٽڪرائي، جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ چوڪي جي بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 اهلڪار شهيد ٿيا، جن ۾ 12 فوجي جوان، 2 پوليس اهلڪار ۽ ٻيلي کاتي جو هڪ سرڪاري ملازم شامل آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ يس پي آر موجب، دهشتگردي خلاف ڪارروائيون بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهنديون ۽ ٻاهرين سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جون عظيم قربانيون وطن جي دفاع ۽ قومي سلامتي جي تحفظ واري عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. ميڊيا رپورٽس موجب حملي جي نتيجي ۾ مانجهي خيل چيڪ پوسٽ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته زخمي اهلڪارن کي حملي کان پوءِ فوري طور تي ويجهي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف، سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي، ضلعي انتظاميا ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.
 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ڀارت جو هٿ بلڪل واضح آهي، جڏهن ته افغان حڪومت دهشتگردن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي. بلوچستان نيشنل ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان جاگرافيائي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو، جڏهن ته آبادي جي لحاظ کان سڀ کان ننڍو صوبو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي قيادت هميشه ذاتي مفادن کان مٿي ٿي وفاق جو ساٿ ڏنو آهي ۽ صوبي جي ماڻهن پاڪستان جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جا 90 هزار شهري شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪالهه مستونگ ۾ هڪ سيشن جج کي به قتل ڪيو ويو. هن زور ڀريو ته بلوچستان جي ماڻهن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي چڪو هو، پر هڪ منظم سازش تحت ٻيهر دهشتگردي آندي وئي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جو مقابلو سڀني کي گڏجي ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي پاڪستان کي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وٺي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، جنهن ۾ چئن ئي صوبن جون گڏيل ڪوششون شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي تازن ڏينهن ۾ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، جڏهن ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي سفارتڪاري کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسي رهي آهي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان لاءِ خطرو بڻجندڙ دهشتگردن جا ڍانچا ۽ ٿاڪ جتي به هوندا، انهن کي ختم ڪيو ويندو. فيلڊ مارشل عاصم منير جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايچ ڪيو) راولپنڊي ۾ 20هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات دوران چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي سهڪار سان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. سندس چوڻ هو ته جتي به دهشتگردن جو بنيادي ڍانچو ملڪ ۽ عوام لاءِ خطرو بڻجندو، پاڪستان ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو عزم برقرار رکندو. فيلڊ مارشل عاصم منير موجب، پرڏيهي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ عنصر بلوچستان ۾ تشدد کي هٿي ڏيڻ، استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۽ امن تباهه ڪرڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهن، پر پاڪستان جون هٿياربند فوجون عوام جي حمايت سان اهڙن ناپاڪ ارادن کي مضبوط ۽ فيصلائتي جواب سان ناڪام بڻائينديون.