تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

# ٽاپ ٽرينڊ … سنڌ اسيمبلي آئلينڊ آرڊيننس لازمي رد ڪري

سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف سوشل ميڊيا تي ردعمل جاري آهي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي آئلينڊ آرڊيننس لازمي رد ڪري ۽ سنڌ آئلينڊ آرڊيننس کي رد ڪري ٿي هيش ٽيگ ٽرينڊز هلايا ويا، ان سلسلي ۾ سسئي پليجو لکيو ته گورنر صاحب سنڌ اسلام آباد جي ڪالوني ناهي، عمران خان کي مينشن ڪندي وڌيڪ لکيو ته سنڌ اوهان جي غيرقانوني آرڊيننس کي رد ڪري ٿي، امر سنڌو لکيو ته قبضا گيري نامنظور، هي ٻيٽ سنڌين جا آهن، عرفانه ملاح لکيو ته سنڌ اسيمبلي آئلينڊ آرڊيننس کي لازمي رد ڪري. رفيق ملاح لکيو ته گورنر صاحب پريس بريفنگ ۾ چوي پيو ته ٻيٽن تي اڏاوت سان سنڌ جي عوام کي وڏو فائدو ٿيندو سياحت وڌندي ، منظور چانڊيو لکيو ته ڏنگي ڀنڊار ٻيٽ آزاد ڪيو وڃي، بيرسٽر ضمير گهمرو لکيو ته صوبائي معاملن ۾ پارليامينٽ جي ايڪٽ کي ڪالعدم ڪرڻ لاءِ صوبائي اسيمبليون پنهنجو اختيار استعمال نٿيون ڪن جنهن جي نتيجي ۾ صوبن جي قانونسازي جو دائرو محدود ٿي رهيو آهي. آرٽيڪل 144 صوبائي معاملن ۾ صوبائي اسيمبلي کي پارليامينٽ جي ايڪٽ يا صدارتي آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، اقصيٰ جمالي لکيو ته ٻيٽ سنڌين جي ملڪيت آهن، مڪيش ڪمار لکيو ته سنڌ وفاقي حڪومت کان سنڌ جا ٻيٽ واپس چاهي ٿي، امتياز اعواڻ لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ان بابت صدارتي آرڊيننس قبول ناهي، عابده کر فشر فوڪ فورم جي ريلي جي وڊيو شئير ڪندي لکيو ته ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف ريلي ڪڍي وئي، ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاق پاران شهر اڏيا پيا وڃن جنهن سان 8 لک مهاڻا متاثر ٿيندا.علي رند لکيو ته سنڌ ڪڏهن به وفاق جو قبضو برداشت نه ڪندي، نورالهديٰ شاهه لکيو ته بندوق جي زور تي سنڌ ۽ بلوچستان جو سمنڊ ۽ ٻيٽن جي زمين مقامي آبادين جي پيرن هيٺان کسڻ نامنظور، زمين ۽ ٻيٽن تي غاصباڻو صدارتي آرڊيننس نامنظور، ذڪيه اعجاز لکيو ته سنڌ وفاق کان پنهنجا ٻيٽ واپس چاهي ٿي، انيل حب علي لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ اهو سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته اها ان معاملي تي ايڪشن وٺي ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ منظور ڪري،گل حسن ڪلمتي لکيو ته ٻيٽ بچايو تحريڪ جي ريلي ابراهيم حيدري کان ڏنگي۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ تي قبضي ۽ وفاقي حڪومت جي غيرقانوني آرڊيننس خلاف ڪڍي وئي ته بندوق وارن ڏنگي تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، اهو آهي ترقي جو راز ته ماهيگير پنهنجي ٻيٽن تي به نٿا وڃن سگهن. ان کانسواءِ ثناءَ بڪڪ، معراج حبيب، مير حسن گهوٽو، ڪائنات هاليپوٽو، لال محمد چانڊيو، عابده کر،فهد مصطفيٰ، پرهه منگي، فاضل جميلي، نازيه ميمڻ، شعيب قريشي، اصغر جمالي، بشير ميراڻي، نعمت خان، تانيه سليم پليجو، ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ابڙو خليل، انجنيئر ايم اي ڀٽو، الهڏنو چنا، حفيظان وڌيو، سنڌو نواز گهانگهرو، سنڌو لغاري، امداد چانڊيو، عاجز جمالي، ابڙو خليل، هاشم علي، خالده پيرزادو، ليلا سنڌي ۽ ٻين پاران ٻيٽن تي قبضي خلاف ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج جون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ شيئر ڪيون ويون.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *