| ٽرائي سيريز: فرحان جو گن موڊ هلي ويو: پاڪستان ٽين ميچ ۾ سري لنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي |
راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) ٽرائي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ پاڪستان سري لنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ پنهنجا پير مضبوط ڪري ڇڏيا آهن، ان ڏس ۾ سري لنڪا جي ڪپتان پهريان ٽاس کٽي بينٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پهريان کيڏندي سري لنڪن ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنسون اسڪور ڪيون،جينٿ ليانگي 41 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪوشل پريرا 25، نسانڪا 17،ڪمل مشارا 22 ۽ هاسارنگا 11 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا،پاڪستان طرفان محمد نواز 3، سلمان، فهيم ۽ ابرار هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ٻئي اننگز ۾ پاڪستان جي ٽيم گهربل ٽارگيٽ 16هين اوورن جي ٽئين بال تي پورو ڪري ورتو، صاحبزادي فرحان جو گن موڊ ايڪٽو ٿي ويو، سري لنڪن بالرن تي ڇڪن جي برسات وسائي ڇڏي، 5 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 80 رنسون اسڪور ڪيون، صائم ايوب 20، بابر اعظم 16، ڪپتان سلمان آغا ٻڙي ۽ عثمان خان 5 رنسون اسڪور ڪيون، سري لنڪا جي چميرا 2 وڪيٽون ورتيون، صاحبزدو فرحان هڪ سال ۾ 100ڇڪا هڻندڙ پهريون پاڪستان بيٽر به بڻجي ويو