ٽرانسپورٽرن پاران 15 ڊمپر سڙڻ جي دعويٰ : معاوضي جي گهر: آفاق احمد جيل حوالي

فيبروري 13, 2025

ڪراچي(رپورٽ: فقيرسليم۽ عرفان شاهه) ٽرڪ، ڊمپر، ٽينڪر ۽ ٽرالرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن حاجي آغا ميان جان، خير زمان، حاجي تور خان،  ملڪ نوابزادي مطالبو ڪيو آهي ته سرڪار ڪراچي ۾ ساڙيل گاڏين جي نقصان جو ازالو ڪري واقعي ۾  ملوث  جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن چيو ته ڪراچي جي ترقي ۾ ڊمپرن ، ٽرالرن ۽ ٽينڪرن سميت وڏين گاڏين جو وڏو هٿ آهي، اسان پوليس کي ڀتو ڏيڻ بجاءِ ڪروڙين رپيا ٽيڪس ادا ڪريون ٿا، اسان کي به  وڏين گاڏين جي حادثن ۾ شهرين جي ٿيندڙ فوتگين  تي افسوس آهي، هنن چيو ته شهر ۾ ڪجهه ماڻهو ڊمپرن تي  سياست ڪري رهيا آهن، جيڪا بند ٿيڻ گهرجي. هنن چيو ته  ڪراچي ۾ ڊمپرن جو تعداد 10 ھزار جي لڳ ڀڳ آهي، جن مان ڪجهه سئو ڊمپرن کي ڏينهن جي وقت  شهر ۾ داخلا جي اجازت آهي، هنن چيو ته مهاجر قومي موومينٽ جي اڳواڻ آفاق احمد جي سياست ختم ٿي چڪي آهي،هو  معصوم شهرين کي ورغلائي رهيو آهي، ڪنهن به شهري کي اهو حق ناهي ته ڊرائيورن کي گاڏين مان لاهي سندن ڊرائيونگ لائسنس چيڪ ڪري ۽ گاڏيون کي باهيون ڏئي، هنن چيو ته ڪراچي ۾ 15 ڊمپرن ۽ ٽرالرن کي باهيون ڏنيون ويون،  اسان وٽ اهڙا ثبوت موجود آهن، حڪومت انصاف نه ڪيو ته عدالتن جو در کڙڪائينداسين، هنن چيو ته سنڌ سرڪار کي درخواست ڪنداسين ته  غلط ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، ڀلي  انهي ۾ٽرانسپورٽر شامل ڇو نه هجن؟ هنن چيو ته انتظاميا پاران وڏين گاڏين کي بند ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، انهي سان شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ ترقياتي ڪمن ۾ پريشانيون ٿينديون اسان وٽ جيستائين عوام روڊن تي نٿو نڪري، تيستائين ڪير سندن آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته  ٽرانسپورٽن جا مسئلا حل نه ٿيا ته پرامن احتجاج ڪبو. هوڏانهن ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم حقيقي جي چيئرمين آفاق احمد کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، ڪالهه پوليس سخت سيڪيورٽي ۾ آفاق احمد کي خاص عدلت ۾ پيش ڪيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته انهي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ڇو لڳايا ويا آهن؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته آفاق احمد جي چوڻ تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏنيون ويون، جاچ آفيسر چيو ته ڊمپر ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر گم آهن، خدشو آهي ته اهي جوابدارن جي قبضي ۾ آهن، 2 انساني جانين جو مسئلو آهي، لکين رپين جي کنڊ جون ٻوريون به گم آهن، آفاق احمد کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته هڪ جوابدار وٽان هٿيار ۽ ٻئي وٽان پيٽرول مليو آهي، عدالت آفاق احمد جي جسماني رمانڊ بابت پوليس جي درخواست رد ڪندي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيو ته هتي ٽريفڪ جو نظام خراب آهي ۽ ان کي درست نٿو ڪري سگهجي، مئجسٽريٽ علائقي وار هجڻ گهرجن، هڪ ايس او ۽ هڪ پوليس آفيسر کي سڄو علائقو نه هجڻ گهرجي,عدالت چيو ته هتي مافيا آهن، سپاهين جي هٿن ۾ ڪجهه به ناهي،عدالت چيو ته ڏسو ته ڪيئن سڄي يورپ کي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، سڀ کان پهرين هڪ وڪيل کي قانون جي پيروي ڪرڻ گهرجي،

سنڌ حڪومت ڊمپر مافيا جي پٺڀرائي پئي ڪري: آفاق

ڪراچي: ايم ڪيو ايم حقيقي جي چيئرمين آفاق احمد چيو آهي ته مونکي ڪراچي شهر لاءِ آواز اٿارڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، مون کي جيل موڪلي اهي ماڻهو ظاهر ٿي پيا آهن، جيڪي مافيائن سان گڏ آهن، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  هن چيو ته شهر ۾ خوني گاڏيون هلي رهيون آهن، اسان ته قانون موجب هيوي ٽريفڪ جي رواني چاهيون ٿا، هن وقت حڪومت ڊمپر مافيا جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي ان معاملي ۾ مڪمل طور ظاهر ٿي پئي آهي.

ڊمپر مافيا ماڻهو ماري پئي، حڪمران خاموش آهن: جماعت اسلامي

ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي وارن کي ڪجهه ڏيڻ نٿي چاهي ، شهر ۾ ڪيترا ئي ترقياتي منصوبا رولڙي جو شڪار آهن، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 20 مهينا گذرڻ باوجود ڏيڍ ڪلوميٽر ڊگهي ڪريم آباد انڊر پاس جو 35 سيڪڙو ڪم مڪمل ناهي ٿيو،  جڏهن ته اها رٿا جون 2025 ۾ مڪمل ٿيڻي هئي،  انڊر پاس نه ٺهڻ ڪري روزانو10 ھزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن ،هن چيو ته جڏهن واپاري آرمي چيف اڳيان پنهنجو ڪيس  رکن ٿا ته سنڌ جي حڪمرانن کي تڪليف ٿئي ٿي، هن وقت شهر ۾ ڊمپر مافيا روزانو ماڻهو ماري پئي پر حڪمران ڪجهه نٿا ڪن. هن مطالبو ڪيو ته ڪريم آباد انڊر پاس مڪمل ڪري شهر جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

Leave A Comment