| ٽرمپ، نيتن ياهو ۽ پيوٽن شڪاري، انساني حق تباهه ڪري ڇڏيا: ايمنيسٽي |
اسلام آباد (م ڊ) عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته اسرائيل، روس ۽ آمريڪا عالمي انساني حقن جي تباهي ۾ اڳڀرا آهن. عالمي انساني حقن جي صورتحال تي جاري سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اهڙو عالمي ماحول، جتي وحشياڻو رويو ۽ سخت ماحول ڪافي وقت کان جڙي رهيو هو. رپورٽ موجب 2025 ۾ عالمي نظام ۾ چٽو فرق نظر آيو، اهو نظام جيڪو هولو ڪاسٽ ۽ عالمي جنگين جي تباهه ڪارين کان پوءِ جوڙيو ويو، جيڪو گذريل 80 سالن ۾ مشڪل سان تعمير ڪيو ويو هو. رپورٽ موجب انهي نظام کي تازن سالن ۾ وڏو جهٽڪو لڳو آهي جنهن سبب عالمي سطح تي انساني حقن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سالياني رپورٽ ۾ نيتن ياهو، ٽرمپ ۽ پيوٽن کي شڪاري قرار ڏيندي چيو ويو ته ٽئي اڳواڻ معاشي ۽ سياسي ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.