ٽرمپ ايران جي ايٽمي آڇ کي نه سمجهندي حملو ڪيو: جيڪ سليوان

ٽرمپ ايران جي ايٽمي آڇ کي نه سمجهندي حملو ڪيو: جيڪ سليوان

واشنگٽن (م ڊ) بائيڊن انتظاميه ۾ اڳوڻي قومي سلامتي صلاحڪار جيڪ سليوان ايران سان جنگ جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏيندي چيو آھي تھ ٽرمپ انتظاميا ايران جي ايٽمي پروگرام واري آڇ کي سمجھي نھ سگھي ۽ يڪدم حملو ڪري ڇڏيو. ٽي وي شو ۾ ڳالھائيندي جيڪ سليوان چيو تھ آمريڪي ٽيم حملي کان اڳ ايران جي پيش ڪيل ڊيل کي سمجهي نه سگهي. اسان جي ايران تي بمباري شروع ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ايرانين جنيوا ۾ هڪ تجويز پيش ڪئي جيڪا ايٽمي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ھئي ۽ اھو هڪ ڊگهو سفر هو آئون سمجھان ٿو ته اسان جي پاسي جا ماڻھو ڳالھيون ڪندڙ اھو سمجھي نھ سگھيا تھ انهن کي ڇا پيش ڪيو پيو وڃي، ھنن ان آڇ کي رد ڪيو  ۽ نظرانداز ڪيو ۽ اڳتي وڌڻ ۽ ھر حال ۾ حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آمريڪا وارا اھو نھ سمجھي سگھيا تھ ايان واران ھڪ ضابطي تحت ڳالھيون ڪندا آھن.