| ٽرمپ ايران کي ٻڌايو آهي ته حملو ضرور ڪيو ويندو: عرب ميڊيا |
دبئي (م ڊ) عرب ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰم ڪئي وئي آهي ته آمريڪي صدر تهران کي آگاهه ڪيو آهي ته هو ايران تي حملي جو ارادو رکي ٿو، ايران مظاهرن جي معاملي ۾ صبر ڪري ايران تي آمريڪا جي امڪاني حملي جي خطري سبب تهران ۾ برطانوي سفارتخانو بند ڪيو ويو آهي، سفير عملي سوڌو واپس روانو ٿي ويو آهي، ڀارت کانپوءِ اسپين، اٽلي ۽ پولينڊ به پنهنجي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي برطانيا قطر جي آمريڪي فوجي اڏي مان پنهنجو عملو واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻئي پاسي آمريڪي فوج موجب ڳجهن رابطن ۾ اسرائيل ۽ ايران هڪٻئي تي پهرين حملو نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.