آمريڪا جي اندروني سياست جا اثر سڄي دنيا تي پوندا آهن. اڄ جيڪو دنيا ڀوڳي پيئي، ان جو وڏو سبب آمريڪا جي صدارتي اليڪشن ۾ ٽرمپ جي ڪاميابي آهي. هن وقت جڏهن آمريڪا ۾ مڊٽرم اليڪشنون ويجهيون آهن، تڏهن صدر ٽرمپ پنهنجي پارٽيءَ کي هڪ يقيني شڪست کان بچائڻ لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سوشلسٽ لابي ۽ سندس اڳواڻ زهران ممداڻي کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي. هو دعويٰ ڪري رهيو آهي ته اهي آمريڪا ۾ ذاتي ملڪيت ختم ڪري ڪميونزم آڻڻ چاهين ٿا، جنهن کي روڪڻ سندس ذمو آهي- هڪ اهڙي ڳالهه، جنهن جو حقيقت ۾ ڪوبه وجود ناهي، پر صدر ٽرمپ پنهنجي ٻڏندڙ سياست کي بچائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.
اهو هاڻي صرف صدر ٽرمپ نه پر ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ اندر به ٿي رهيو آهي. پارٽيءَ اندر اعتدال پسند (بائيڊن گروپ) ۽ ترقي پسند/ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ڌڙي (ممداڻي) جي وچ ۾ قيادت جي جنگ هلي رهي آهي- اهو آمريڪي سياست ۾ نئون ٿرٿلو آهي. پر در حقيقت ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ڇا آهن، ۽ مستقبل ۾ سندن آمريڪا تي ڪهڙا اثر پوندا، اهو سمجهڻ ضروري به آهي.
ھلندڙ سال 2026 جي وچ تائين آمريڪا ۾ هڪ نئون سياسي مقابلو واضح نظر اچي رهيو آهي. اهو هاڻي ٻنهي پارٽين ۾ به ٿي رهيو آهي. هاڻوڪي تازي ڪاميابين کان پوءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو ترقي پسند (ممداڻي) ڌڙو وڌيڪ اعتماد سان چئي رهيو آهي ته صرف “ٽرمپ جي مخالفت” ڪافي ناهي. پارٽيءَ کي عام مزدور، نوجوان ۽ وچولي طبقي لاءِ واضح معاشي فائدا ڏيکارڻا پوندا. هو عام طور تي خانگي ملڪيت ختم ڪرڻ يا سوويت طرز جو نظام آڻڻ جي ڳالهه نٿا ڪن پر انهن جو ماڊل گهڻو ڪري اتر يورپ جي سماجي جمهوريت سان مشابهت رکي ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت آمريڪي سياست ۾ سوشلسٽ بلاڪ جي اڀار کي پنهنجي “مڊٽرم چونڊن” جي حڪمت عمليءَ لاءِ هڪ اهم هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. ٽرمپ هن وقت هڪ مشڪل صورتحال ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته سندس مقبوليت جا انگ اکر گهٽ آهن ۽ ووٽرن ۾ مهانگائي ۽ پرڏيهي جنگين (خاص طور تي ايران سان جنگ) بابت ڪاوڙ آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽرمپ ووٽرن کي ڊيڄاري رهيو آهي ته جيڪڏهن ڊيموڪريٽس کٽيا ته ملڪ ۾ “ڪميونسٽ نظام” اچي ويندو، جيڪو مذهب ۽ روايتي آمريڪي طرزِ زندگي کي تباهه ڪري ڇڏيندو. پر حقيقت اها آهي ته ممداڻي يا سندس ساٿين ڪڏهن به خانگي ملڪيت ختم ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي. صدر ٽرمپ انهن مٿان چڙيو پيو آهي ۽ چئي ٿو ته، “هي ڪميونسٽ جانور آهن، جيڪي مخالفن کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. هي بي رحم ڪميونسٽ سمورن مذهبن تي حملا ڪندا. خاص طور تي عيسائين کي انهن مان تمام گهڻو خطرو آهي. جي اسان جي ملڪ لاءِ وڏو خطرو آهن، انهن کي روڪڻ وقت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سرمائيدار ختم ٿي ويندو ته پوءِ ماڻهو کائيندا ڪٿان؟!” ٽرمپ جي هن بيان بازيٽ جو مقصد پنهنجي “وٽنگ بيس” (سخت گير ووٽرن) کي متحرڪ ڪرڻ آهي. جيڪڏهن اهو بيانيو ڪامياب ويو، ته شايد ريپبلڪن پارٽي ڪجهه سيٽون بچائي وٺي، پر جيڪڏهن عوام جو اصل ڌيان اقتصادي مسئلن (مهانگائي) تي رهيو، ته ٽرمپ جي هن “ڪميونسٽ مخالفت” واري مهم جو اثر گهٽ ٿي سگهي ٿو، جنهن سان کيس مڊٽرم چونڊن ۾ نقصان ٿيڻ جو امڪان آهي.
گروپ ڪهڙو آهي؟
آخر هي ڪهڙو گروپ آهي، جنهن جي نالي تي صدر ٽرمپ سڄي قوم کي ڊيڄاري رهيو آهي؟ ان جو نالو آهي Democratic Socialists of America (DSA)۔ ان جو ڪو هڪ “سربراهه” ناهي، پر برني سينڊرز ۽ اليگزينڊريا اوڪاسيو- ڪورٽيز سالن کان ان جي پٺ تي بيٺا آهن. اها هڪ گراس روٽ تحريڪ آهي، جنهن جي وڌندڙ رفتار حيران ڪندڙ آهي- صرف ڏهن سالن ۾ ميمبرشپ 5,000 کان 100,000 تائين پهتي آهي، يعني 20 ڀيرا اضافو۔ اهو ڪو معمولي رجحان ناهي، اهو هڪ سياسي زلزلو آهي.
NYC-DSA ان جو سب کان طاقتور ڌڙو آهي، جنهن جي اڳواڻي هاڻي نيو يارڪ سٽي جو نوجوان ميئر زهران ممداڻي ڪري رهيو آهي۔ پر ڇا اهي واقعي خانگي ملڪيت ختم ڪرڻ يا سوويت طرز جو نظام آڻڻ چاهين ٿا، جيئن ٽرمپ دعويٰ ڪري رهيو آهي؟ حقيقت ان کان بلڪل مختلف آهي۔ سندن ماڊل گهڻو ڪري اتر يورپ جي سماجي جمهوريت سان ملي ٿو- نه روسي، نه چيني نظام سان۔ اهي چاهين ٿا ته سرمائيدارن کان ٽيڪس وصول ڪري غريب ماڻهن کي ان جو فائدو ڏنو وڃي: يونيورسل صحت جون سهولتون (Medicare for All)، رينٽ فريز، مفت چائلڊ ڪيئر، مفت بسون، ۽ شهر جا پنهنجا گروسري دڪان۔
ڪاميابي ڇو ملي رهي آهي؟
جون 2026 جي نيو يارڪ پرائمري اليڪشن ۾ هڪ صاف اشارو ملي ويو- ممداڻي پاران پيداوار تجويز ڪيل ٽئي ڪانگريشنل اميدوار کٽي ويا، جن ۾ تجربيڪار سياستدان ايڊرينو ايسپيلاٽ به شامل هو، جو پنج ڀيرا کٽندو رهيو آهي۔ هي صرف نيو يارڪ جي ڳالهه ناهي- واشنگٽن ڊي سي ۽ لاس اينجلس ۾ به ساڳيا سوشلسٽ اميدوار اڳتي وڌي رهيا آهن. ممداڻي جي مقبوليت جو گراف ڏسو ته خبر پوندي ته نيو يارڪ سٽي ۾ هاڻي اهو 58-26 سيڪڙي تائين پهتو آهي۔ ڪجهه ماهر، جيئن ڪولمبيا يونيورسٽي جي پروفيسر روبرٽ شاپيرو، چون ٿا ته هي اثر شايد صرف نيو يارڪ تائين محدود رهي، پر هو پاڻ به مڃي ٿو ته مهانگائي ۽ معاشي مشڪلاتن جو بيانيو قومي سطح تي به اثر ڪري سگهي ٿو۔ اصل صورتحال ان کان به وڌيڪ دلچسپ آهي. 44 سيڪڙو آمريڪي سوشلزم کي رد ڪن ٿا، پر ڊيموڪريٽس اندر اهو انگ بلڪل ابتو آهي- 46 سيڪڙو ان کي پسند ڪن ٿا۔ اهو ئي عدد آهي جنهن ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي وڏن اڳواڻن جيون هاڪيم جيفريز ۽ چڪ شومر کي پريشان ڪري رکيو آهي۔
نيو يارڪ اٽارني جنرل ليٽيٽيا جيمس چيو آهي ته ممداڻي جون حمايتون پارٽي کي ’ٽوڙي‘ سگهن ٿيون. ممداڻي بلاڪ کي شهري سطح تي وڏي ڪاميابي ملي چڪي آهي، پر قومي سطح تي 2026 ۽ 2028 جي اليڪشن ئي اهو طئي ڪندي ته اهو رجحان ڪيستائين هلندو يا اهو صرف نيو يارڪ تائين محدود رهندو۔ جڏهن ته جو بائيڊن وارو اعتدال پسند گروپ اڄ به ملڪ جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ڪاميابيءَ سان هلي رهيو آهي. قومي سطح تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڃا به وچولي ڌر (Moderates) ۽ ترقي پسند ڌر جي گڏيل پارٽي آهي. هن وقت ممداڻي وارو گروپ مڊٽرم اليڪشن ۾ گهٽ آمدنيٽ واري طبقي کي سرڪاري صحت جون مفت سهولتون. مزدور يونين بحال ڪرڻ. انهن کي مناسب اجورو ڏيڻ، سستا گهر، مفت تعليم ۽ سرمائيدارن کان ٽيڪس وٺي ليبر ڪلاس ۾ ورهائڻ جي گهر ڪري رهيا آهن. ارب پتين ۽ وڏين ڪمپنين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو وڃي. اهو پئسو صحت، تعليم، رهائش، ٻارن جي سنڀال ۽ ٻين عوامي خدمتن تي خرچ ڪيو وڃي. معاشي اڻبرابري گهٽائي خانگي ملڪيت ختم ڪئي وڃي. آمريڪي ترقي پسند اڪثر ڪري انهن جي حمايت ڪري رهيا آهن.
سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو وڏو حصو اڃا به سينٽرسٽ (Centrist) آهي، جيڪي ڪارپوريٽ لابي سان ويجها آهن. اهي سوشلسٽ پاليسين کي “انتهاپسند” قرار ڏئي روڪيندا آهن. هي گروپ هڪ نئين سياسي طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي. جيڪو آمريڪا جي روايتي سياست کي چئلينج ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ انهن جي ڪاميابيءَ جو رستو ڏکيو آهي، پر هنن بحث جو محور تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي وڏيون پارٽيون به صحت ۽ تعليم جي حقن تي ڳالهائڻ لاءِ مجبور آهن. انهن جو اڀار آمريڪي سياست لاءِ هڪ نئون موڙ آهي. سندن اقتصادي ۽ پرڏيهي پاليسي ريپبلڪن کان مختلف آهي. هي پاليسي آمريڪي سرمايه دارانه نظام جي بنيادن کي لوڏي ٿي. جڏهن اهي ارب پتين تي ٽيڪس وڌائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، ته اهي اصل ۾ آمريڪا جي ان ڪارپوريٽ ثقافت کي چئلينج ڪن ٿا، جيڪا ڏهاڪن کان سياست تي اثرانداز آهي. سندن ڪاميابي جو مطلب هوندو آمريڪا ۾ “مڊل ڪلاس” جي بحالي، پر ان جي نتيجي ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر جو سياسي اثر گهٽجي ويندو. هي چاهين ٿا ته دنيا سان جنگيون ختم ڪثيو، اها بجيٽ غريب آمريڪين تي خرچ ڪريو. اسرائيل مان جند ڇڏائي، فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرائي عرب ملڪن سان واپار کي وڌايو وڃي. ايران سان هر معاملو سفارتڪاريءَ ذريعي حل ڪيو وڃي. جيڪڏهن هي گروپ ڪامياب ٿئي ٿو، ته آمريڪا شايد پنهنجي “عالمي بالادستي” (Global Hegemony) تان هٿ کڻي، هڪ وڌيڪ “آئسوليشنسٽ” (Isolationist) يا گھٽ جارحاڻو ملڪ بڻجي وڃي. هي تبديلي اوڀر ۽ مغرب جي وچ ۾ طاقت جي توازن کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيندي
سندن ڪاميابيءَ جا امڪان ان ڳالهه تي منحصر آهن ته ڇا اهي اهو ثابت ڪري سگهن ٿا ته، “آمريڪا کي پنهنجي شهرين جو خيال رکڻ لاءِ عالمي جنگين جي ضرورت ناهي.” جيڪڏهن اهي هي بيانيو پختو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ته نه صرف ڊيموڪريٽڪ پارٽي، پر سڄي آمريڪي رياست جو رخ تبديل ٿي ويندو. ۽ ان رستي ۾ آمريڪي “ملٽري-انڊسٽريل ڪامپليڪس” (فوجي-صنعتي ڍانچو) جو وڏي رڪاوٽ هجڻ يقيني آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو وجود ئي انهن جنگين سان وابسته آهي، جن کي هي گروپ ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
اصل سوال هي ناهي ته ڇا ممداڻي بلاڪ کٽندو يا هارائيندو- اصل سوال هي آهي ته ڇا اهي آمريڪا جي سياست جو بنيادي بيانيو بدلائي چڪا آهن؟ ان جو جواب اڳ ۾ ئي “ها” ۾ ملي رهيو آهي۔ صحت، تعليم، ۽ سستائي جا مسئلا هاڻي وڏين پارٽين جو به مرڪزي بحث بنجي چڪا آهن- جنهن کي ڪجهه سال اڳ “انتهاپسند” سمجهيو ويندو هو، اهو هاڻي مين اسٽريم بحث آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو ٽرمپ ايترو پريشان آهي۔ هو ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن مقابلو خالص معيشت تي رهيو، ته هو هارائي ويندو۔ ان ڪري هو بحث کي “نظرياتي جنگ” ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو- سوشلزم بمقابلا آمريڪيزم- ڇو ته اهو ئي هڪ ميدان آهي، جنهن تي هو اڃا ڪجهه ووٽر متحرڪ ڪري سگهي ٿو۔ پر سوال اهو آهي ته ڇا هي ڊپ وارو ڪارڊ هميشه لاءِ ڪارگر رهندو، يا نئون نسل، جنهن کي پرڏيهي جنگين کان وڌيڪ پنهنجي گهر جي معيشت جي فڪر آهي، آخرڪار ان کان مٿي اڀري ويندو؟ ان جو جواب نه صرف ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي مستقبل، پر سڄي آمريڪا جي عالمي ڪردار کي به نئين سر طئه ڪندو.