| ٽرمپ تي فائرنگ ڪريل دهشتگرداڻو عمل آهي: صدر/وزير اعظم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس ۾ فائرنگ جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا نمائندن جي دعوت دوران فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خاتون اول جي محفوظ هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته فائرنگ ڪريل دهشتگرداڻو عمل آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته واشنگٽن ڊي سي وائيٽ هائوس ۾ پيش آيل فائرنگ جي پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري صدمي جو اظهار ڪريان ٿو. وزير اعظم چيو ته منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون انهن سان گڏ آهن، ۽ آئون سندن مسلسل سلامتي ۽ خيريت لاءِ دعاگو آهيان. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وائيٽ هائوس ۾ حملي جي مذمت ڪندي صدر ٽرمپ، نائب صدر وينس ۽ خاتون اول جي محفوظ هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.