ٽرمپ جا دنيا خلاف خطرناڪ ارادا: گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن جون 66 تنظيمون آمريڪا مخالف قرار: مالي مدد ختم ڪرڻ جو اعلان

ٽرمپ جا دنيا خلاف خطرناڪ ارادا: گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن جون 66 تنظيمون آمريڪا مخالف قرار: مالي مدد ختم ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا خلاف خطرناڪ ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن جون 66 تنظيمون آمريڪا مخالف قرار ڏئي انهن مان نڪرڻ ۽ سندس مالي مدد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب آمريڪي صدر گڏيل قومن سميت عالمي ادارن جي 66 تنظيمن مان نڪرڻ ۽ سندس مالي مدد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، وائٽ هائوس آمريڪي صدر جي هدايت تي انهن تنظيمن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جاري ڪيل فهرست ۾ گڏيل قومن جي عورتن ۽ سماجي ڀلائي واريون 31 ۽ ٻين  عالمي ادارن جون 35 تنظيمون شامل آهن . آمريڪي صدر گڏيل قومن جي عورتن وارن ادارن يو اين وومين، يو اين ايف پي اي، پاپوليشن فنڊ ۽ مرڪزي موسميات لاءِ ڪم ڪندڙ اداري يو اين ايف سي سي سي مان به دستبردار  ٿي ويو آهي جڏهن ته موسمياتي تبديلي واري عالمي اداري آءِ پي سي سي، نيشنل انسٽيٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ اليڪٽورل اسسٽنس ۽ انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر  جي مالي مدد به ختم ڪئي وئي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب گڏيل قومن جا ادارا يو اين وومين صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پاپوليشن فنڊ 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ خانداني منصوبا بندي سان گڏ ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن . واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو  هو ته آمريڪا جا مفاد اوليت رکن ٿا، اهي سمورا ادارا ۽ تنظيمون آمريڪي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ آهن، هاڻ سندن ڪابه مالي مدد نه ڪنداسين، سندس چوڻ هو ته ٻين ادارن جي به ڇنڊ ڇاڻ جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اهم فيصلا ڪيا ويندا.