ٽرمپ جا مسلمان دشمن  بيان روڪيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جوخط  

ٽرمپ جا مسلمان دشمن  بيان روڪيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جوخط  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلمان مخالف بيانن جي مذمت ڪندي آمريڪي سفارتخاني کي مذمتي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته قانوني برادري آمريڪا کي آئيني قدرن، جمهوري ادارن ۽ بنيادي حقن جو احترام ڪندڙ رياست طور ڏسي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار آمريڪا ۽ ايران  وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪري ٿي، آمريڪي صدر سان منسوب سوشل ميڊيا بيانن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي، بيانن ۾ مسلمانن، اسلام ۽ ايران بابت توهين آميز ٻولي استعمال ڪئي وئي،  ايران جي شهري ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهن، جنيوا ڪنوينشن شهري تنصيبات کي تحفظ ڏئي ٿو، غير ذميوارانه بيان عالمي امن ۽ قانوني نظام لاءِ نقصانڪار آهن، آمريڪي قانون ساز ادارا جنگ ۽ امن جي معاملن ۾ پنهنجو آئيني ڪردار يقيني بڻائين، خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اقوام متحده ۽ انساني حقن وارا ادارا غير ذميوارانا بيانن جو نوٽيس وٺن،