| ٽرمپ جو اهم چيني دورو شروع، ايران جنگ مک موضوع، آمريڪا کي هرمز مان هٿيار گذارڻ نه ڏينداسين: ايراني فوج |
بيجنگ (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽن ڏينهن جي اهم ترين دوري تي چين پهچي ويو سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. بيجنگ پهچڻ تي چيني نائب صدر هان زينگ آمريڪي صدر جو آڌر ڀاءُ ڪيو، ان موقعي تي چين ۾ آمريڪي سفير، آمريڪا ۾ چيني سفير ۽ چين جو ايگزيڪيوٽو نائب پرڏيهي وزير ما زائوشو پڻ موجود هئا. آمريڪي صدر جي آجيان لاءِ اٽڪل 300 چيني نوجوان به هوائي اڏي تي موجود هئا، جن هٿن ۾ آمريڪي ۽ چيني جهنڊا کنيل هئا. ٽرمپ سان گڏ سندس سرڪاري جهاز ۾ آيل وفد ۾ سندس پٽ ايرڪ ٽرمپ، نُنهن لارا ٽرمپ ۽ ايلون مسڪ پڻ شامل هئا. پرڏيهي ميڊيا موجب، پنهنجي دوري دوران آمريڪي صدر چيني هم منصب شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. بيجنگ روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته چيني صدر شي جن پنگ سان ايران جنگ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، هو چيني صدر سان ملاقات ۾ چين کي آمريڪي منڊين لاءِ کولڻ جو چوندو. شيڊول موجب چيني صدر شي جن پنگ اڄ صدر ٽرمپ جو استقبال گريٽ هال آف دي پيپل ۾ ڪندو. ٻئي اڳواڻ ڳالهيون ڪندا. شام جو هڪ ڊنر پڻ شيڊول آهي. سڀاڻي جمعي ڏينهن صدر شي ۽ صدر ٽرمپ هڪ دوستاڻي تصوير ڪڍندا ۽ بيجنگ جي ژونگ نان هائي گارڊن ۾ هٿ ملائيندا، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هتي پرڏيهي اڳواڻن کي دعوت ڏيڻ کي اڪثر ويجهڙائي جي نشاني طور ڏٺو ويندو آهي. ان کان پوءِ صدر ٽرمپ ۽ صدر شي وچ ۾ چانهه تي ٻي ملاقات ٿيندي. هڪ لنچ پڻ شيڊول ٿيل آهي. صدر ٽرمپ کي پوءِ ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو ويندو. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ بابت ڪوريج تي آمريڪي ميڊيا کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي ڪجهه رپورٽن کي عملي غداري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اهڙيون جنهن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته تهران عسڪري حوالي سان واشنگٽن جي مقابلي ۾ بهتر پوزيشن ۾ آهي. اصل ۾ اها دشمن جي مدد ۽ سهولتڪاري جي برابر آهن. ٽرمپ چيو ته اهڙي قسم جون رپورٽون ايران کي ڪوڙي اميد ڏئي رهيون آهن. حالانڪه ايران وٽ اهڙي ڪنهن به اميد جي گنجائش نه هجڻ گهرجي. ٻئي طرف چين پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ هرمز کي ٻيهر کولرائڻ جي لاءِ پنهنجي ٽياڪڙي جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪري. هوڏانهن نيتن ياهو جي آفيس تازو ئي اعلان ڪيو آهي ته نيتن ياهو ايران تي جنگ دوران يو اي اي جو دورو ڪيو هو. نيتن ياهو گڏيل عرب امارات جو هڪ خفيه دورو ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد سان ملاقات ڪئي. هن دورو اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي پيش رفت جو سبب بڻيو.
تهران (م ڊ) تهران ايراني فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته هو آمريڪي هٿيارن کي علائقي ۾ فوجي اڏن تائين پهچڻ لاءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏيندو. جي هٿياربند فوج هر ممڪن صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ ايران جي خلاف دشمني ڪندڙن کي سخت سزا ڏني ويندي. ايران جي فارس ايجنسي جي مطابق اڳوڻي ايراني آرمي چيف آف اسٽاف جنرل عبدالرحيم موسوي جي 40 هين ورسي تي برگيڊيئر جنرل محمد اڪرامي مشهد ۾ چيو ته هرمز ايراني فوج جي اسٽريٽجڪ ڪنٽرول هيٺ آهي. اوڀرندو حصو انقلابي گارڊز نيوي جي ڪنٽرول هيٺ آهي، اسان هاڻي آمريڪي هٿيارن کي علائقي ۾ فوجي اڏن تائين پهچڻ لاءِ آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. جيڪو به هرمز مان گذرڻ چاهي ٿو ان کي ايراني فوج جي نگراني هيٺ هتان گذرڻو پوندو. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته دنيا کي بربريت ۽ جارحيت جي خلاف ايران جي حق ۾ آواز اٿارڻو پوندو ٻي صورت ۾ طاقتور ملڪ دنيا کي لاقانونيت ۽ محڪومي طرف ڌڪي ڇڏيندا. ايران تي حملو ڪندڙ عالمي قانون جي ڀڃڪڙين تي فخر ڪندا آهن ۽ پرامن ايراني عوام کي نشانو بنائي رهيا آهن.