ٽرمپ جو دنيا کي ائٽمي ڇڪتاڻ ڏانھن ڌڪيندڙ اعلان

                 صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪا کي ٻيهر ايٽمي تجربن جي رستي تي آڻڻ واري اعلان، عالمي سلامتيءَ لاءِ هڪ نئون خطرو پيدا ڪري پوري دنيا ۾ نئون سياسي تڪرار اڀاري ڇڏيو آهي. هي اعلان، جيڪو سائنسي ضرورت کان وڌيڪ سياسي سگنل ڏيڻ طور ڏٺو پيو وڃي، نه صرف آمريڪا، چين ۽ روس وچ ۾ نئين ”ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ“ کي جنم ڏئي سگهي ٿو، پر علائقائي سطح تي به خطرناڪ لهر پيدا ڪري سگهي ٿو، جتي ڀارت ۽ پاڪستان جهڙا ملڪ پاڻمرادو ان ڊوڙ ۾ ڇڪجي سگهن ٿا. ٽرمپ جي اعلان سان 1996ع جي عالمي معاهدي (CTBT) جو تصور ۽ بين الاقوامي هٿيارن تي ڪنٽرول جو نظام ڪمزور ٿيندي نظر اچي ٿو. ان قدم جا امڪاني اثر رڳو سياسي يا فوجي نه پر فطري ۽ انساني صحت تي به تباهي آڻيندڙ ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ايٽمي تجربا ڌرتيءَ جي بيهڪ، فضا ۽ انساني جينياتي نظام لاءِ مستقل خطرو بڻجي سگهن ٿا. اهو اعلان، دنيا کي ٻيهر ”ايٽمي ڇڪتاڻ“ جي ان دور ڏانهن ڌڪيندو، جتان عالمي امن ۽

                 استحڪام جو تصور ئي ختم ٿي سگهي ٿو. صدر ٽرمپ جي سوشل ميڊيا واري بيان تي وائيٽ هائوس جيتوڻيڪ وضاحت ناهي ڪئي پر ان سان آمريڪي سياست ۾ هلچل پيدا ٿي وئي آهي. ڪانگريس ۽ ڪيترن ئي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻن ان کي آمريڪي قانون تحت روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آمريڪا جي ان اعلان سان عالمي سلامتي ۽ هٿيارن جي ڪنٽرول واري ٺاهه (CTBT) جي 30 سالن کان قائم “ايٽمي پابندي” (Nuclear Taboo) کي ختم ڪرڻ جو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هي اعلان انتهائي خطرناڪ پر عملي طور مشڪل آهي. هي فيصلو گهڻو ڪري سائنسي مقصدن بدران هڪ سياسي سگنل آهي، ان قدم سان نئين ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ (New Cold War Nuke Race) شروع ٿيڻ جو خطرو آهي، جنهن ۾ روس ۽ چين فوري طور تي جوابي تجربا ڪري سگهن ٿا. تازو هن ئي سال پاڪستان، انڊيا ۽ ايران ۽ اسرائيل ۾ جنگ لڳي آهي، جنهن ۾، خبرن موجب، ميزائلن جو آزاداڻو استعمال ٿيو آهي. اسرائيل وٽ ايٽمي هٿيار آهن ۽ هو اڃان به ان تي ڪم ڪري رهيو آهي پر هن اهڙو اعلان ناهي ڪيو. ڪوريا ٻيٽ لاءِ چين ۽ تائيوان ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي. آمريڪا ۽ روس ۾ ايٽمي معاهدو ايندڙ سال فيبروري ۾ ختم ٿي رهيو آهي.

اهڙي ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ سان ڏکڻ ايشيا تي انتهائي خطرناڪ اثر پوندا، عالمي ايٽمي سياست ۾ ڪنهن به تبديليءَ جو اثر پاڪستان تي به پوي ٿو، علائقي جي ايٽمي طاقت هجڻ سبب پاڪستان لاءِ هي صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. جيڪڏهن ڀارت عالمي پابندي ختم ٿيڻ تي نوان تجربا شروع ڪيا، ته پاڪستان به جوابي تجربا ڪري سگهي ٿو، جيڪو علائقائي تڪرار کي خطرناڪ حد تائين وڌائڻ جو سبب بڻجندو. ٽرمپ جي ايٽمي تجربي کي ٻيهر شروع ڪرڻ واري امڪاني اعلان تي پاڪستان طرفان باضابطه حڪومتي ردعمل (جيئن ته هي اعلان آمريڪي پاليسي ۾ هڪ تجويز يا ڌمڪي جي شڪل ۾ آهي) اڃا تائين سڌو سنئون جاري نه ٿيو آهي، پر تجزيه نگار ۽ دفاعي حلقا ان کي گڏيل طور خطي لاءِ هڪ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال طور ڏسي رهيا آهن. پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنيادي مقصد ڀارت جي ايٽمي قوت جو جواب ڏيڻ (Deterrence) آهي، جيڪڏهن ڀارت ڪو نئون تجربو ڪيو ته پاڪستان به اهڙا تجربا ڪري سگهي ٿو، جيڪو علائقي ۾ ايٽمي تڪرار کي خطرناڪ حد تائين وڌائي ڇڏيندو. هي اعلان سڌو سنئون عالمي سطح تي عدم ڦھلاء جي معاهدن جي خاتمي جو سگنل ڏئي ٿو. پاڪستان جهڙو ملڪ، جيڪو بين الاقوامي سطح تي پنهنجي ايٽمي تحفظ کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو، ان لاءِ اها صورتحال بين الاقوامي قانون ۽ معاهدن تي اعتماد کي ختم ڪري ڇڏيندي.

دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا ڏهاڪو کن سالن کان ايٽمي تجربا ناهن ڪيا پر ٽرمپ جي اعلان سان هو وري سرگرم ٿي سگهي ٿو. ٽرمپ جو اعلان پريشان ڪندڙ به آهي، ان سان روس، چين ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جن کي وري روڪڻ وارو ڪير به نه هوندو. برطانوي دفاعي سيڪيورٽي ٿنڪ ٽينڪ جي پروفيسر دريا دولزيڪوا جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان پوري دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ تيز ٿي وئي آهي. ڪيترن ئي ملڪن خاص ڪري وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪيترائي ملڪ ايٽمي ميزائل يا ٻيا هٿيار ٺاهڻ لاءِ وڏن ملڪن سان سودا ڪري ان جو سامان خريد ڪري رهيا آهن. ان ۾ آمريڪا به شامل آهي. ان ڪري ٽرمپ جو اعلان پاڻي سان ڀريل بالٽي ۾ هڪ پاڻي جي قطري برابر آهي. جڏهن ته اها بالٽي هن وقت به ڪنن تار ڀرجي چڪي آهي.

روسي صدر ولاديمير پيوٽن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ ان اعلان تي عمل ڪيو ته پوءِ هو ان خطرناڪ ميزائل کي اڳيان آڻيندو، جيڪو هوا ۽ زمين ٻنهي تان آمريڪا کي ٽارگيٽ ڪري سگهي ٿو. ۽ هو پهرين يوڪرين تي به اهڙا هٿيار استعمال ڪري سگهي ٿو. رپورٽن مطابق، دنيا ۾ هن وقت روس وٽ سڀ کان وڌيڪ ايٽمي هٿيار يعني 5،459، آمريڪا وٽ 5،177، چين وٽ 600، فرانس وٽ 290. برطانيا وٽ 225، هندستان وٽ 180، پاڪستان 170، اسرائيل وٽ 90 ۽ اتر ڪوريا وٽ 50 ايٽمي هٿيار موجود آهن. روس هن وقت جيڪي ميزائل تجربا ڪيا آهن، اهي ميزائل آمريڪا جي اندر تائين وڃي مار ڪري سگهن ٿا. پر واشنگٽن کي اصل خطرو چين مان آهي. دفاعي ماهر ڊيرل ڪيمبل جو چوڻ آهي ته آمريڪا جو ايٽمي هٿيارن جو تجربو عالمي سلامتي جي حوالي سان تاريخي غلطي هوندي. ٻئين عالمي جنگ جيان هن وقت به ايٽمي جنگ جو خطرو وڌي رهيو آهي. پروفيسر هنس ڪريسٽينسن جو چوڻ آهي ته گذريل پنجن سالن دوران دنيا جي هر ملڪ ۾ ايٽمي هٿيارن جو خطرو وڌيو آهي پر گهٽيو ناهي.

صدر ٽرمپ “ڊپارٽمنٽ آف وار” کي حڪم ڏنو آهي، پر حقيقت ۾ ايٽمي تجربا ڪرائڻ جي ذميواري ڊپارٽمنٽ آف انرجي جي نيشنل نيوڪليئر سيڪيورٽي ايڊمنسٽريشن (NNSA) جي آهي. آمريڪا ۾ آخري ايٽمي ڌماڪي وارو تجربو 1992 ۾ ٿيو هو. نيوادا جي تجرباتي سائيٽ کي ٻيهر فعال ڪرڻ ۾ ڪيترائي سال ۽ لکن ڊالر خرچ ٿي سگهن ٿا. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪهڙو تجربو؟ اهو واضح ناهي، ٽرمپ ڌماڪي واري تجربن (Explosive Tests) جي ڳالهه ڪري رهيو آهي يا غير ڌماڪي وارن تجربن (Subcritical Tests/Computer Simulations) جي، جيڪي آمريڪا پنهنجي هٿيارن جي قابل اعتماد ھجڻ واري ڀروسي کي برقرار رکڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ڪندو رهي ٿو. هٿيارن تي ڪنٽرول جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان سان عالمي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي آهي. آرمس ڪنٽرول ايسوسيئيشن جهڙن غير جانبدار ادارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا وٽ سب-ڪريٽيڪل ٽيسٽنگ ۽ سپر ڪمپيوٽنگ سميوليشنز جي صورت ۾ ايٽمي هٿيارن جي اعتبار برقرار رکڻ لاءِ جديد طريقا موجود آهن، ان ڪري ڌماڪي وارو تجربو سائنسي طور غير ضروري آهي. ڪجهه ماهرن ٽرمپ جي بيان کي “مونجهارو ۽ بي معنيٰ” قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هن اها وضاحت نه ڪئي ته ڇا هو نئين ايٽمي هٿيارن جي ڊيزائن کي جانچڻ چاهي ٿو يا صرف موجوده هٿيارن جي قابليت چيڪ ڪري رهيو آهي.

ايٽمي ڌماڪي وارا تجربا، ڌرتيءَ جي اندروني ٽوڙ ڦوڙ ۽ ريڊيو ايڪٽو فال آئوٽ ذريعي هزارين سالن تائين فطرتي نظام، انسانن ۽ علائقن لاءِ سخت ماحولياتي ۽ صحت جا خطرا پيدا ڪندا. زمين لڏي ويندي، وڏا سامونڊي طوفان ايندا، پهاڙ لڏي ويندا. آبي جيوت جو خاتمو ٿي ويندو. هوا گدلي ٿي ويندي. پروفيسر ڪاراوانگ جو چوڻ آهي ته زير زمين ايٽمي تجربا زمين جي مٿين سطح تي تابڪاري پيدا ڪندا ۽ ان سان جر جو پاڻي به زهريلو ٿي ويندو.

ٽرمپ جو اعلان هڪ طاقتور سياسي ڌمڪي آهي، پر ان تي ٿيندڙ عمل جي نتيجي ۾ عالمي سلامتي، خاص طور ڏکڻ ايشيا ۾، هڪ نئين ۽ اڻڄاتل خطري کي منهن ڏيئي رهي آهي، جيڪو صرف هٿيارن جي ڊوڙ کي تيز ڪندو. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي سياسي طاقت ڏيکارڻ لاءِ ايٽمي هٿيارن جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. آمريڪا پهريون ڀيرو ٻئي ورلڊ وار 1945ع دوران ايٽمي تجربو ڪيو، جنهن سان هن جاپاني شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي کي تباهه ڪري پنج لک ماڻهو ماري ڇڏيا. برطانيا جي اڳوڻي وزير اعظم ونسٽن چرچل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته هٽلر پوري يورپ کي تباهه ڪري فرانس تي قبضو ڪيو ته برطانيا جي فوج فرانس وارن سان گڏجي وڙهي پر هارايوسين. هٽلر لنڊن جو گهيرو ڪيو، روس کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، اٽلي جي مسوليني ڳالهين جي واعدن ۾ هٽلر سان وڃي بيهي رهيو. مون آمريڪي صدر روزويلٽ RDF کي فوجي مدد لاءِ سوين خط لکيا، اوڌر تي جيڪي هٿيار مليا ان ۾ موسميء جيڏا بم هئا. واشنگٽن وڃي روزويلٽ کي چيو ته هي موسميء جيڏا بم ڇا ڪندا، گدري جيڏا بم ٺاهيون. نيٺ بعد ۾ ان ۾ اسان روسي صدر جوزف اسٽالن کي به شامل ڪيو. پر انهن ٻنهي اسان سان دوکيبازي ڪئي. آمريڪا هنداڻي جيڏا بم ٺاهيا. جاپان آمريڪي ٻيٽ پرل هاربر تي قبضو ڪيو. روزويلٽ ڪنهن بهاني سان مون کان اجازت وٺي ٻه ايٽم بم جاپان کي هڻي تباهه ڪري ڇڏيو. بعد ۾ اسٽالن ان کان وڌيڪ ايٽمي هٿيار ٺاهيا…. چرچل جو چوڻ آهي ته آمريڪا ٻڌائيندو هڪ آهي ۽ ڪندو ٻئي آهي، ان ڪري ان تي اعتبار نه ڪجو. پر روس وري ان کان ٻه هٿ مٿي آهي، جئين اسٽالن هٽلر کان وڌيڪ اسان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو. چرچل جي ڳالهه به درست آهي. هي به آمريڪي صدر ٽرمپ آهي، ٻڌائيندو هڪ ۽ ڪندو ٻئي آهي، جيئن فلسطينين ۽ پاڪستان سان ڪئي اٿائين. ان ڪري دنيا هن جي ڪنهن ڳالهه تي اعبتار ڪرڻ بجاءِ چئي پئي ته هي ٽرمپ ڪنهن ٻئي جاءِ تي ڌڪ هڻندو.