ٽرمپ جو فوج، ٻيڙا ۽ بارود علائقي ۾ برقرار رکڻ جو اعلان

ٽرمپ جو فوج، ٻيڙا ۽ بارود علائقي ۾ برقرار رکڻ جو اعلان

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مڪمل جنگبندي تائين خطي ۾ پنهنجي سموري فوج، جنگي جهاز، جنگي ٻيڙا موجود رکڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ نيٽو بابت نااميدي جو اظهار ڪيو آهي. ٽرمپ سوشل ميڊيا تي چيو ته سڀئي آمريڪي بحري جهاز، هوائي جهاز، فوجي عملو، اضافي گولا بارود، هٿيار ۽ ٻيو ڪجهه جيڪو اڳ ۾ ئي گندي دشمن جي تباهي لاءِ مناسب ۽ ضروري آهي اهي ايران ۾ ۽ ان جي چوڌاري موجود رهندا، جيستائين حقيقي معاهدي تي مڪمل طور تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ٿين ته پوءِ ويڙهه شروع ٿئي ٿي ته هڪ وڏو، بهتر، ۽ مضبوط حملو ڪيو ويندو جيڪو اڳ ڪنهن به ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. هن چيو ته سمورن بيانن باوجود ان ڳالهه تي گهڻو وقت اڳ اتفاق ڪيو ويو هو ته ايران وٽ  ڪو به ايٽمي هٿيار نه هوندو  هرمز کاڙي کليل ۽ مڪمل محفوظ هوندي. هن چيو ته ساڳئي وقت اسان جي عظيم فوج هٿيار لوڊ ڪري رهي آهي ۽ آرام ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ايندڙ فتح جي منتظر آهي. آمريڪا واپس اچي ويو آهي! ٻئي طرف نيٽو بابت هن بيان ۾ چيو ته اسان جي ماڻهن سميت نيٽو جا ماڻهو تيستائين حرڪت ۾ نه ٿا اچن جيستائين انهن تي پاڻ تي دٻاءُ نه ٿو پوي.