ٽرمپ جي اعلان باوجود ايراني بجلي ۽ تيل اڏن تي حملا، ايران جا جنگبندي لاءِ 6 شرط پيش، مڪمل فتح تائين وڙهنداسين: پاسداران انقلاب

ٽرمپ جي اعلان باوجود ايراني بجلي ۽ تيل اڏن تي حملا، ايران جا جنگبندي لاءِ 6 شرط پيش، مڪمل فتح تائين وڙهنداسين: پاسداران انقلاب

تهران/تل ابيب/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي صدر جي توانائي منصوبن تي حملا نه ڪرڻ جي اعلان جي اڳئين ڏينهن تي ئي ايران جي توانائي ۽ بجلي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا، ايران اسرائيل تي 100 ڪلو وارهيڊ وارا ميزائل وسائي ڇڏيا. تل ابيب ۽ ٻين شهرن ۾ تباهي مچي وئي. اسرائيل لبنان ۾ وڌيڪ هڪ پل تباهه ڪري ڇڏي. ايران جي فوج مڪمل فتح حاصل ٿيڻ تائين وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي شروع ڪيل جنگ جو 25 ھون ڏينھن گذري ويو. آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملا تيز ڪري ڇڏيا. آمريڪا ۽ اسرائيل پاران رات جو ڪيل حملن ۾ اتر اولهه ايران جي تبريز ۾ ڪيترن ئي رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو ويو. حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ماڻهو مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪيترائي رهائشي گھر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. اوڀر آذربائيجان صوبي جي شاهد مفته ۾ بھ حملو ڪيو ويو. آمريڪا پاران ايران جي توانائي جي اڏن تي حملا 5 ڏينھن ملتوي ڪرڻ واري اعلان جي باوجود ايران جي توانائي انفرااسٽرڪچر تي حملا جاري آھن. خرم شهر جي پاور پلانٽ جي گئس پائيپ لائين کي نشانو بڻايو ويو پر ايران جو چوڻ آھي تھ آمريڪي-اسرائيلي حملي باوجود ان جي آپريشن ۾ خلل نه پيو ۽ نه ئي ڪو جاني نقصان ٿيو. اصفهان ۾ ڪاوه اسٽريٽ تي گئس انتظاميه جي عمارت ۽ گئس پريشر ريگيوليشن اسٽيشن کي نشانو بڻايو ويو. جنھن ۾ سهولتن کي جزوي طور تي نقصان پهتو. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته رات جو هوائي حملي ۾ ايران ۾ بيلسٽڪ ميزائل اسٽوريج سهولتن ۽ مختلف سرڪاري عمارتن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ پاسداران انقلاب ڪور جا ٻه انٽيليجنس هيڊ ڪوارٽر ۽ تهران ۾ ايران جي انٽيليجنس وزارت جو هڪ دفتر شامل آهي. مجموعي طور تي 50 ھدفن کي نشانو بڻايو ويو. جن ۾ ايران جا ھٿيارن جا ڊپو بھ شامل آھن. پاسداران انقلاب جو چوڻ آھي تھ تھران جي آسمان تي اماڻيل ڊرون کي تباھھ ڪيو ويو. ايران جي ايمرجنسي سروس جو چوڻ آهي ته 28 فيبروري تي جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي ايران ۾ مارجي ويل ٻارن جو تعداد 208 ٿي ويو آهي. 168 جنگ جي شروعات ۾ مناب شهر ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي آمريڪي ميزائل حملي ۾ شھيد ٿيا هئا. 13 ٻارن جي عمر پنجن سالن کان گهٽ هئي ۽ سڀ کان ننڍو ٻار ٽن ڏينهن جو هو. ايراني حڪومت جي مطابق، ملڪ ۾ هاڻي تائين 1,500 کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن. تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 82 هزار 417 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 281 اسپتالون، ڪلينڪون ۽ دوائن جا مرڪز شامل آهن. ايران به اسرائيل ۽ آمريڪا جي اتحادي عرب ملڪن تي حملا جاري رکيا.  ايراني ميزائلن ڪالھھ صبح جو اسرائيل جي مرڪزي علائقي تل ابيب جي ڪيترن ئي علائقن کي نشانو بڻايو. اسرائيلي ميڊيا جي مطابق ميزائلن گهٽ ۾ گهٽ چار جاين کي متاثر ڪيو. هڪ سڌو سنئون هڪ عمارت تي لڳو جنھن ۾ 6 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا. هڪ ميزائل تل ابيب جي هڪ ڀريل گهٽي ۾ ڪري پيو، جنهن ۾ ڪيترين ئي ڪارن کي باهه لڳي وئي ۽ ٽن عمارتن کي سخت نقصان پهتو. پوليس جي مطابق ان ميزائل ۾ ۾ 100 ڪلوگرام وار هيڊ استعمال ڪيو ويو. ھڪ تباهه ٿيل ميزائل جو ملبو روش هاعين ۾ ڪري پيو، جنهن جي ڪري صرف معمولي نقصان ٿيو. ٻئي پاسي اسرائيلي صحت واري وزير موجب، 28 فيبروري کان هن وقت تائين جنگ دوران 4 هزار 829 زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي، جن مان 111 اڃا تائين علاج هيٺ آهن ۽ 12 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ ايراني ميزائل جو وڏو حصو والاريل ويسٽ بينڪ ۾ هڪ فلسطيني شهر ويجهو پڻ ڪري پيو. متحده عرب امارات، بحرين ۽ ڪويت ۾ سڄي رات هوائي حملي جا سائرن وڄندا رهيا. ايران جي ڊرون حملي ۾ مراڪش جو تيل جو ڪانٽريڪٽر به مارجي ويو آهي. سعودي عرب چيو ته هن ملڪ جي اوڀر واري حصي ۾ 20 کان وڌيڪ ڊرون روڪيا. ڪويت ۾ ڊرون حملي ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو ۽ بجلي جي جزوي بند ٿي. بحرين جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ايراني حملي ۾ هڪ ڪمپني جي ۾ باهه لڳي وئي جنھن کي بعد ۾ وسايو ويو. جنگ جي شروعات کان وٺي 153 ميزائل ۽ 301 ڊرون کي روڪيو ويو آهي. ايران جي فوجي ترجمان مڪمل فتح تائين وڙهڻ جو اعلان ڪيو آھي. ايران جي اعليٰ فوجي ڪمانڊ خاتم الانبيا جي ترجمان علي عبدالله علي آبادي چيو ته ايران جون طاقتور هٿياربند فوجون ايران جي سالميت جي دفاع ۾ فخر، فتح مند ۽ ثابت قدم آهن ۽ هي سلسلو مڪمل فتح تائين جاري رهندو. اسرائيل جي لبنان تي حملن ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. بيروت ۾ رات جو ٻه ٽارگيٽ ڪلنگ واقعن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا. اسرائيلي فوج چيو ته ان ايران جي پاسداران انقلاب جي پرڏيهي يونٽ قدس فورس جي ميمبرن کي نشانو بڻايو. ايلي ضلعي جي شهر بشامون تي حملي ۾ 2 شهري شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا. لبنان ۾ ڪيترن ئي اسرائيلي حملن ۾ ھڪ وڌيڪ پل ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ گھر تباھھ ٿي ويا. هڪ هوائي حملو اتر اوڀر لبنان ۾ هرمل علائقي ۾ ٿيو. ٻيا حملا ڏاکڻن علائقن دير انطار، حبوش، شهابيه، حنين ۽ مجدال سليم ۾ ٿيا، جن ۾ ڪيترن ئي گهرن کي نشانو بڻايو ويو. لبنان جي دالفا پل تي هڪ ٻيو حملو ٿيو، جيڪا ڏکڻ ۽ بقا وادي کي ملائيندي ھئي.  اسرائيلي هوائي حملي ۾ ڏکڻ لبنان جي صور (ٽائر) ضلعي ۾ الحنيه ۽ القليله جي ٻاهرين علائقن کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ ويڙھھ ۾ ھڪ فوجي جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي.  حزب الله جو چوڻ آهي ته هن اڱاري تي صبح جو پنج اسرائيلي هدفن تي حملا ڪيا. حيفا شھر جي ٻاھران عڪر ۽ ڪريوت علائقن ۾ سائرن وڄايا. اسرائيلي فوج چيو ته گهڻا راڪيٽ روڪيا ويا ۽ رهائشي علائقن ۾ ڪو بھ اثر نھ پيو. اسرائيلي فوجين جي ميڙ، هڪ بيرڪ، هڪ ريڊار سائيٽ ۽ توپخاني کي نشانو بڻايو. ڏکڻ لبنان جي شهر ڪفار ڪلا ۾ فاطمه گيٽ تي اسرائيلي سپاهي به نشانو بڻايو ويو. معالوت-ترشيها جي ويجهو هڪ ريڊار سائيٽ ۽ اتر اسرائيل ۾ ساسا ۽ اين هاڪوشم جي آبادين ۾ توپخاني کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڊرون ۽ راڪيٽ پڻ استعمال ڪيا ويا.
 

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ٽرمپ ايران جنگ شروع ڪرڻ جو ذميوار جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ کي قرار ڏئي ڇڏيو. آمريڪا عراق جو فوجي اڏو خالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب آمريڪي صدر ڪانگريس ۾ خطاب ڪندي چيو ته هي جنگ ڏکي آهي جنهن کي شروع ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ حمايت جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ ڪئي هن چيو هو ته هي جنگ شروع ڪرڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايران ۾ هاڻ ڪا به قيادت نه رهي آهي ايران سان ڳالهائي رهيا آهيون اسان درست ماڻهن سان ڳالهائي رهيا آهيون جيڪي معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا. ٻئي طرف العربيه ٽي وي ذريعن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوج بغداد ۾ ڪئمپ وڪٽري فوجي اڏي تان هٽڻ جي تياري ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب آمريڪي فوج بيس ۾ هٿيارن ۽ ڳري سامان کي تباهه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
 

تهران (م ڊ) ايراني صدر چيو آهي ته خطي ۾ استحڪام رڳو گڏيل سهڪار ۽ قومن جي احترام سان ايندو. ايران جنگ بندي ۽ ڳالهين لاءِ 6 اسٽريٽجڪ شرط پيش ڪري ڇڏيا آهن. ايراني عملدارن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ايراني ميڊيا کي ٻڌايوعلائقائي ڌرين ۽ ٽياڪڙي ڪندڙن ايران کي جنگ بند ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ايران جي ان جي بدلي پهرين شرط آهي ته خاطري ڪرائي وڃي ته جنگ ٻيهر شروع نه ٿيندي. خطي مان آمريڪي اڏا بند ڪيا وڃن ٽين شرط آهي ته جارحيت ڪندڙ کي پوئتي ڌڪيو وڃي ۽ ايران کي ٿيل نقصان جو معاوضو ادا ڪيو وڃي. چوٿين شرط علائقي جي سرحدن تي جنگ کي ختم ڪرڻ آهي پنجين شرط آهي ته هرمز کاڙي بابت نئين قانوني رجيم تي عمل ڪيو وڃي ۽ آخري شرط آهي ته ايران مخالف ميڊيا آپريٽوز خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انهن کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. اهو واضح ناهي ته اهي شرطون آمريڪا ۽ اسرائيل کي پيش ڪيون ويون آهن يا نه. ٻئي طرف اهو به چيو ويو آهي ته ايران کان آمريڪا جيڪي 15 مطالبا ڪيا آهن اهي ايران کي پهچايا ويا آهن. ٻئي طرف ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته اڄ اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ماڻهن جي جاڳرتا ڏسي رهيا آهيون، دنيا جي آزاد ماڻهن جون دليون صيهونين سان نه آهن. ايراني صدر چيو ته پاڪستان، ترڪي، عراق، لبنان، مصر ۽ عرب ملڪن جا ماڻهو آمريڪا، اسرائيل ۽ انهن جي ڏوهن خلاف سخت نفرت جو اظهار ڪري رهيا آهن، خطي ۾ استحڪام صرف باهمي تعاون ۽ قومن جي مرضي جو احترام ڪرڻ سان ممڪن آهي.