ٽرمپ جي دعوائن باوجود اڳڀرائي جا ثبوت ناهن: بي بي سي

ٽرمپ جي دعوائن باوجود اڳڀرائي جا ثبوت ناهن: بي بي سي

لنڊن (م ڊ) جنگ ۾ ڪا به غير متوقع ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر آمريڪي صدر ٽرمپ جي دعويٰ جي حمايت ۾ اڃا تائين ڪو به ثبوت ناهي ته آمريڪا ۽ تهران وچ ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. ٻئي ملڪ اڃا تائين هڪ ٻئي کي اڻ سڌي طرح پيغام موڪلي رهيا آهن. بي بي سي موجب ايران اڃا تائين پاڪستان جي ڏنل 15 نقطن واري منصوبي تي سرڪاري طور تي جواب نه ڏنو آهي. ايران اسٽيو وٽڪوف وسيلي ڳالهين کان نٽائي رهيو آهي جنهن ڪري تاثر آهي ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس هن معاملي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. علائقي جي سرڪاري ذريعن موجب اڃا تائين ڪنهن به قسم جي سڌين ڳالهين تي ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي فاصلا گهٽائڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي ٿي آهي.