| ٽرمپ جي زال تي ڊاڪيومينٽري’ميلانيا’ جو پهريون ٽريلر جاري |
واشنگٽن (ڪلچرل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي زال ۽ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ تي ٺهيل دستاويزي فلم ‘ميلانيا’ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم ۾ ميلانيا پنهنجي ذاتي زندگي، اهم فيصلن ۽ وائيٽ هائوس ۾ گذاريل تجربن تي کليل طور تي بحث ڪندي نظر ايندي.ميلانيا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڊاڪيومينٽري جو ٽريلر پڻ شيئر ڪيو آهي. ايميزون ايم جي ايم اسٽوڊيوز فلم جا حق ۽ واسطا 40 ملين ڊالر ۾ حاصل ڪيا آهن، اها فلم 30 جنوري 2026 تي دنيا جي سينما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.