ٽرمپ سرسي وڃائي ويو جنگ ۾ ايران حاوي آهي: اڳوڻو جاسوس

ٽرمپ سرسي وڃائي ويو جنگ ۾ ايران حاوي آهي: اڳوڻو جاسوس

لنڊن (م ڊ) برطانوي ڳجهي ايجنسي ايم آءِ سڪس جي اڳوڻي سربراهه اليڪس ينجر چيو آهي ته موجوده جنگ ۾ ايران حاوي نظر اچي ٿو. ٽرمپ شروعاتي حملي ۾ حاصل ڪيل سرسي وڃائي ويٺو، ايران گذريل سال جون واري جنگ کانپوءِ پنهنجا هٿيار سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ ۽ فوجي ڪمان هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ڪارائتو ثابت ٿيو. اليڪس ينجر جو چوڻ هو ته ايران هرمز جي معاشي اهميت کي به نظر ۾ رکيو.