ٽرمپ-مودي ملاقات، ايف 35 جهاز ڀارت کي ڏيڻ جو اعلان، پاڪستان گڏيل پڌرائي ۾ سرحد پار دهشتگردي وارا الزام رد ڪري ڇڏيا
فيبروري 15, 2025
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت سان ايف 35 جهازن ۽ هٿيارن جي اربين رپين جو معاهدو ڪري ورتو، جڏهن ته تيل ۽ گيس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وٽن گھڻي مقدار ۾ تيل ۽ گيس آهي، جيڪو هو ڀارت کي ڏئي سگھن ٿا، آمريڪا ۽ هندستان جي اڳواڻن پاڪستان تي زور ڏنو ته هو ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ حملن ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ان جي سرزمين سرحد پار دهشتگرد حملن لاءِ استعمال نه ٿيندي. واشنگٽن ۾ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي ۽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات کانپوءِ نيوز ڪانفرنس ڪئي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جي عالمي لعنت جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ مان دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهن کي ختم ڪيو ويندو. هنن القاعده، آءِ ايس آءِ، جيش محمد ۽ لشڪر طيبه سميت گروپن سان دهشتگردي جي خطرن خلاف تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڏيکاريندي ممبئي ۾ ٿيندڙ حملن کي روڪي سگهجي، ان موقعي تي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايف 35 سميت ڪيترن ئي ارب ڊالر جو فوجي سامان ڀارت کي ڏيندا، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو ڀارت سان گڏجي مقابلو ڪيو ويندو. ٽرمپ چيو ته بائيڊن دونر ۾ آمريڪا ڀارت لاڳاپا بهتر نه هئا، ڀارت سان اهو ئي ٽيرف هوندو جيڪو امريڪا تي لاڳو ٿئي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته يوڪرين کي نيٽو ۾ نه هجڻ گهرجي، جنگ سبب يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. امريڪي صدر اهو به چيو ته چين سان امريڪا جا تمام سٺا لاڳاپا هوندا، چين کين يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو، هو هڪٻئي خلاف هٿيارن بدران پنهنجي ترقي تي رقم خرچ ڪندا.نريندر مودي جو چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ڀارت لاڳاپن کي متحرڪ ڪيو، آمريڪا پاڻ کي عظيم بڻائڻ چاهي ٿو ۽ هو به ڀارت کي عظيم بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ٽرمپ ٻه طرفي واپار جو حجم ٻيڻو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، نيوڪليئر انرجي جي ميدان ۾ امريڪا سان سهڪار وڌائيندا. هوڏانهن وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان وت ايترا ته ايٽمي هٿيار آهن جو اسان 100 دفعا دنيا تباهه ڪري سگهون ٿا، آمريڪا کي نوان ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، ان مان بچندڙ رقم ٻين معاملن تي خرچ ڪئي ويندي. منهنجي خواهش آهي ته آمريڪا، روس ۽ چين پنهنجي دفاعي بجيٽ کي گهٽائي اڌ ڪري ڇڏين.
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وچ ۾ ٿيل ملاقات بعد جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرائي ۾ ڏنل پاڪستان بابت بيان کي هڪ طرفو، گمراهه ڪندڙ ۽ سفارتي قدرن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پڌرائي ۾ ڏنل ان قسم جا حوالا ان تلخ حقيقت تان عالمي ڌيان هٽائي نٿا سگهن ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن خلاف نفرت جوڳن ڏوهن جي عنصرن لاءِ محفوظ پناهه گاهه آهي. گڏيل پڌرائي ۾ ڀارت پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل نه ڪرڻتي بهڌيان نه ڏنو ويو، جيڪي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام جو هڪ اهم ذريو آهن ۽ نه ئي ان ۾ ڀارت جي ڪشمير ۾ انساني هقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس ورتو ويو. پرڏيهي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ جي منصوبي تي پاڪستان کي سخت ڳڻتي آهي. ان سان خطي ۾ عدم توازن پيدا ٿيندو ۽ استحڪام کي به نقصان پهچي سگهي ٿو.