ٽرمپ وينس کي جنگ مان نڪرڻ جي راهه ڳولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ٽرمپ وينس کي جنگ مان نڪرڻ جي راهه ڳولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

لنڊن (م ڊ) برطانوي اخبار ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نائب صدر جي ڊي وينس کي ايران جنگ مان نڪرڻ جو رستو ڳولڻ جي هدايت ڪئي آهي، جي ڊي وينس ايران خلاف جنگ جو ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ حمايتي آهي. ڊيلي ميل موجب جي ڊي وينس کي ڊگهي عرصي کان پرڏيهي فوجي مداخلتن بابت شڪ شبها رهيا آهن ۽ ڪنهن کليل ۽ اڻڄاتل مدي واري جنگ ۾ آمريڪي فوج موڪلڻ جي امڪان تي کليل نموني ڳالهائيندو رهيو آهي.