ٽرمپ وٽ ايران جنگ مان نڪرڻ جي حڪمت عملي ناهي: جرمني

ٽرمپ وٽ ايران جنگ مان نڪرڻ جي حڪمت عملي ناهي: جرمني

برلن (م ڊ) جرمن چانسلر ايران ۾ جنگ واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. جرمن چانسلر چيو ته ايران جنگ جرمني جي توانائي وارن اگهن تي سخت اثرانداز ٿي رهي آهي، ٽرمپ وٽ ايراني نار ۾ جنگ ختم ڪرڻ جي واضح حڪمت عملي ناهي. ياد رهي ته گذريل هفتي جرمن چانسلر ۽ آمريڪي صدر ايران جنگ جي مقصدن بابت هڪ ئي پيج تي هئا.