ٽرمپ يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي نه فلسطيني ڀائرن جي مدد لاءِ  فوج غزا  موڪلينداسين: وفاقي سرڪار

  ٽرمپ يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي نه فلسطيني ڀائرن جي مدد لاءِ  فوج غزا  موڪلينداسين: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جو غزا ۾ انٽرنيشنل اسٽيبلائيزيشن فورس ۾ پاڪ فوج جي شموليت جي حوالي سان اهم بيان سامهون اچي ويو. راڻا ثناءُ الله صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فوج غزا ٽرمپ يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي نه فلسطيني ڀائرن جي مدد لاءِ  موڪلي ويندي، هن چيو ته پاڪستان خودمختيار ملڪ آهي، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين، ڪنهنجي چوڻ تي فوج کي غزا نه موڪليو ويندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪ فوج کي غزا ۾ خدمتن جو موقعو مليو ته فلسطيني ڀائرن جي ڀلائي جي جذبي لاءِ ويندي ڇاڪاڻ ته پاڪستان اڳ ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته غزا امن ٺاهه تي فوري عمل ڪيو وڃي، غزا مان فلسطينين جي نيڪالي واري ڪنهن به قدم جي حمايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته فلسطيني ڀائرن جي خدمت جو موقعو مليو ته ضرور وينداسين، ٿي سگهي ٿو ته پاڪ فوج جي غزا ۾ موجودگي کان اسرائيل ئي انڪار ڪري ڇڏي. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو هو ته غزا اسٽيبلائزيشن فورس لاءِ پنهنجي فوج موڪلڻ واري آڇ تي اسان پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. جمعي ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي مارڪو روبيوچيو ته غزا اسٽيبلائزيشن فورس جو حصو بڻجڻ جي آڇ يا گهٽ ۾ گهٽ ان تي غور ڪرڻ لاءِ پاڪستان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان هڪ اهم ملڪ آهي، جيڪڏهن پاڪستان ان معاملي تي متفق ٿئي ٿو، جڏهن ته فورس جي مينڊيٽ، ڪمانڊ ۽ فنڊنگ وارن معاملن تي بحث جاري آهي.