ٽرمپ ٻيهر حملو ڪيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو

جُون 24, 2025

تهران(پنهنجي ڊيسڪ ) ايراني پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر ان چيف ميجر جنرل پاڪ پور چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي ايران خلاف نئين جارحيت جي ڌمڪي جو سخت جواب ڏنو ويندو.

ايراني ميڊيا موجب ايران-اسرائيل جنگ بندي کان پوءِ پنهنجي پهرين بيان ۾ پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر ان چيف چيو ته آهي ايراني قوم ۽ شهيدن جي خاندانن کي ڪاميابي ۽ فتح تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

ميجر جنرل پاڪ پور آمريڪي صدر کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ٽرمپ ايران خلاف جوابي ڪارروائي ڪندو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ملندو.

ياد رهي ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو.

ايران پاڪستاني وقت موجب صبح 9 وڳي جنگ بندي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسرائيل پڻ پنهنجي هوائي حدون کولي ڇڏيون آهن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ