| ٽرمپ پاران ايراني ايٽمي مرڪز تي حملي جي ڌمڪي: جنگبندي لاءِ ڪوششون تيز، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سان ايراني گهرو وزير جون ملاقاتون |
اسلام آباد/تهران/واشنگٽن(بيورو رپورٽ + م ڊ) آمريڪا ۽ ايران ۾ 10 ڏينهن جي جنگبندي لاءِ ڪوششون تيز، ايراني گهرو وزير جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سان ملاقاتون، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڌريون صبر ڪن، پاڪستان ايماندار ٽياڪڙ طور سهولتڪاري جاري رکندو. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ايران جي گهرو وزير اسڪنڊر مومني ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن، خطي جي تازي صورتحال ۽ امن لاءِ سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته هو صبر جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن، جيڪي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجن. هن چيو ته پاڪستان هڪ ايماندار ۽ مخلص ٽياڪڙ ۽ سهولتڪار طور امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. ايراني گهرو وزير جي فيلڊ مارشل عاصم منير سان به ملاقات ٿي. ايراني گهرو وزير اسڪنڊر مومني وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو، جن جي نتيجي ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت طئي ٿي.هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نطنز جي جبلن ۾ ايراني ايٽمي مرڪز تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، ٽرمپ چيو ته ايراني ان حملي کي روڪڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندا، هن چيو ته ايران اسان سان ٻيهر ملاقاتون ڪرڻ چاهي ٿو، ايران ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، جيستائين ايران با معنيٰ ڳالهين لاءِ تيار نٿو ٿئي اسان کي ان ۾ دلچسپي ناهي، تمام جلد ايران جي علائقي ڪوه ڪلنگ کي نشانو بڻائينداسين، واضح رهي ته ڪوه ڪلنگ جو علائقو ايراني ايٽمي اڏاوت نطنز جي ويجهو واقع آهي، هن چيو ته اوباما ايران نيوڪليئر ڊيل ختم نه ٿئي ها ته اسرائيل جو وجود باقي نه رهي ها، ابراهام معاهدو ڪامياب رهيو، ايندڙ مرحلي ۾ وڌيڪ ملڪ ان ۾ شامل ٿيندا، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لبناني صدر سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي، ٽرمپ چيو ته لبنان سان اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن، لبنان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو آهي، اسان هاڻي لبنان جي مدد ڪرڻ وارا آهيون، ماضي ۾ لبنان سان برو سلوڪ ڪيو ويو، اسان احترام سان لبنان سان مناسب طرز عمل رکنداسين، جيڪڏهن لبنان جو صدر چاهي ته اسان حزب الله سان به ڳالهائينداسين، ان موقعي تي لبناني صدر چيو ته اسان جو اصل مقصد لبنان اسرائيل دشمني کي مڪمل طور ختم ڪرڻ آهي، لبنان ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام جو وقت اچي چڪو آهي، هڪ ٻئي بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته برطانيا جي نئين وزيراعظم سان آبنائي هرمز مان سرنگهون صاف ڪرڻ بابت ڳالهايو آهي. هوڏانهن ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ڳالهين ۾ ايران کي اميدن کان وڌيڪ ڪاميابي ملي، اهو ڏسي آمريڪا مفاهمتي يادداشت تي ڪيل پنهنجي واعدن کي ٽوڙيو، ايران جو بنيادي نقطو هرمز کي کولڻ هو، معاهدي جي نتيجي ۾ اسان مختصر وقت ۾ معاملن کي سنڀالي ورتو، اهو ڏسي آمريڪا ٻيهر جنگ شروع ڪري ڇڏي، هن چيو ته ايران جي جنگ ٻن محاذن تي آهي، هڪ ميزائلن ۽ بمن جي محاذ ۽ ٻيو معاشي محاذ آهي، هن چيو ته نئون ايراني سپريم ليڊر نه جنگ نه امن جي ڪيفيت جي خاتمي تي زور ڏنو آهي، ايراني صدر چيو ته سپريم ليڊر سان اڍائي ڪلاڪ ملاقات ڪئي، هو به جنگ جو خاتمو چاهي ٿو.
تهران/واشنگٽن: آمريڪا پاران ڏهين ڏينهن جي رات به ايران تي فضائي حملا ڪيا ويا، بندر عباس، سيريڪ، چاه بهار ۽ قشم ٻيٽ تي ڌماڪا ٻڌا ويا، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته ايراني فوج جي ڪمانڊ سينٽرز ۽ فضائي دفاعي نظام کي نشانو بڻايو ويو، حملن جو مقصد ايران جي هرمز ۾ بين الاقوامي تجارتي جهازن تي حملا ڪرڻ واري صلاحيت ڪمزور ڪرڻ آهي، هرمز لنگهه مان تجارتي جهازن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب مئي جي شروعات کان هيل تائين 9 سئو تجارتي جهازن ۽ 45 ڪروڙ بيرل خام تيل جي منتقلي ۾ مدد فراهم ڪئي وئي.ايراني پاسداران انقلاب پاران اردن، ڪويت ۽ بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏا، راڊار سسٽم ۽ هڪ ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پاسداران انقلاب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اردن جي الرقبان علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ڪيل حملي ۾ ڪيترائي آمريڪي فوجي مارجي ويا، آمريڪي فوج جو راڊار سسٽم ۽ هڪ ايف 15 ويڙهاڪ جهاز به تباهه ٿي ويو، بحرين ۾ دفاعي پيٽرياٽ نظام ۽ آمريڪي ڪمپني اميزون جي سينٽرل ڊيٽا سينٽر کي نقصان پهچائڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي، پاسداران انقلاب موجب ڪويت ۾ به ايراني ميزائيل حملن ۾ آمريڪا جو دفاعي ميزائيل نظام ۽ راڊار سسٽم تباهه ڪيا ويا.