| ٽرمپ پاران ايران آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه |
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر پاران ايران آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ٻيهر اعتراف، ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان جو فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم احترام لائق آهن، مون پاڪ ڀارت جنگ سوڌو 8 جنگيون روڪيون آهن، پاڪ ڀارت جنگ ۾ 11 جهاز ڪيرايا ويا، وزيراعظم شهباز شريف اعتراف ڪيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ لکين جانيون بچايون.