| ٽرمپ پاران ٻيهر فيلڊ مارشل جي تعريف، ڀارتي جهاز ڪيرائڻ جو به ذڪر |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ 8 ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائڻ جو به ذڪر ڪيو ، صدر ٽرمپ فلوريڊا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن ٻن ملڪن وچ ۾ امڪاني ايٽمي جنگ روڪرائي، جنگبندي ڪرائي هن تقريبن هڪ ڪروڙ ماڻهن جون زندگيون بچايون، ٻئي طرف غيرملڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ انتظامياغيرقانوني طور تي آمريڪا ۾ رهندڙ پرڏيهين کي رضاڪاراڻي طور تي ملڪ ڇڏڻ تي رقم ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. جنهن ۾ چيو ويو اهي ته 3 هزار ڊالرز وٺو اسان جو ملڪ ڇڏيو