ٽرمپ پاران پوپ کان معافي وٺڻ کان انڪار، اٽلي جو اسرائيل سان دفاعي معاهدو معطل

ٽرمپ پاران پوپ کان معافي وٺڻ کان انڪار، اٽلي جو اسرائيل سان دفاعي معاهدو معطل

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مذهبي پيشوا پوپ ليو کان معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٽرمپ چيو آهي ته پوپ کان معافي نه وٺندس، هن  غلط ڳالهيون ڪيون، پوپ ليو ايران تي منهنجي قدمن جي سخت خلاف هو، مذهبي پيشوا پوپ ليو اعلان ڪيو آهي ته هو جنگ خلاف ڳالهائيندو رهندو، پوپ ليو  پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيستائين جيئرو آهيان امن ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيندو رهندس، انجيل جي پيغام جو غلط استعمال صحيح ناهي، هوڏانهن اٽلي جي وزيراعظم جورجيا ميلوني  چيو آهي ته پوپ بابت ٽرمپ جو بيان مذمت جوڳو آهي، امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ پوپ جو معمول آهي، اٽلي جي وزيراعظم چيو ته اٽلي اسرائيل سان پنهنجو دفاعي معاهدو معطل ڪري رهيو آهي، اهڙي بيان تي ردعمل ڏيندي اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته اٽلي سان اسان جو ڪوئي سيڪيورٽي معاهدو ناهي، اٽلي جي فيصلي سان اسرائيل جي سيڪيورٽي تي ڪو به فرق نه پوندو.