آمريڪا جو ڊبليو ايڇ او (WHO) سان وڌندڙ فاصلو عالمي صحت لاءِ نئون بحران بڻجي چڪو آهي. فنڊنگ ۾ ڪٽوتي ۽ گڏيل ادارن سان تعاون گهٽجڻ سبب نه صرف وبائي بيمارين جي روڪٿام جا عالمي پروگرام متاثر ٿيا آهن، پر مستقبل جي وبائن لاءِ به دنيا وڌيڪ غيرمحفوظ ٿي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ چين ۽ ٻين ترقي پذير ملڪن نئين وبائي معاهدي (Pandemic Agreement 2025) ذريعي عالمي صحت ۾ انصاف ۽ خودمختياريءَ جو نئون ماڊل آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ هي معاهدو هڪ ئي وقت نوان موقعا ۽ وڏا چئلينج کڻي اچي ٿو، جتي “ون هيلٿ” ۽ “ٽيڪنالاجي منتقلي” مستقبل جي صحت سلامتي جا اهم بنياد بڻجي رهيا آهن.
آمريڪا جو ملٽي ليٽرلزم (Multilateralism) يعني گڏيل عالمي ادارن سان سهڪار گهٽائڻ جو ارادو، جيڪو پهرين به ڏٺو ويو هو، پر هاڻ اهو ظاهر ٿي سامهون آيو آهي. آمريڪا ڊبليو ايڇ او کي سڀ کان گهڻي امداد ڏيندڙ ملڪ رهيو آهي. پر ٽرمپ سندس امداد ۾ ڪٽوتي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جنهن سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊبليو ايڇ او جا پروگرام مڪمل طور تي بند ڪيا ويا آهن. آمريڪا پنهنجي فنڊنگ، جيڪا ڪل بجيٽ جو هڪ اهم حصو آهي (ڪجهه اندازن مطابق 12٪ کان 18٪ تائين)، واپس وٺڻ شروع ڪئي آهي. آمريڪا جي غير موجودگي يا وڌيڪ انفرادي (Unilateral) پاليسين سبب عالمي صحت وارن پروگرامن ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي.
آبهوا جي تبديلي ۽ ماحولياتي صحت
هوائي آلودگي، پاڻي ۽ مٽي جي گدلاڻ ۽ ان سان لاڳاپيل بيماريون هڪ وڏو خطرو آهن. آبهوا جي تبديلي infectious diseases (وبائي بيمارين) جي پکيڙ کي به متاثر ڪري ٿي. دل جون بيماريون، ڪينسر، ذيابيطس ۽ دائمي ساهه جون بيماريون اڃا تائين موت جو وڏو سبب آهن. ان ڪري سڀني ماڻهن تائين سستي ۽ معياري صحت جي سار سنڀال پهچائڻ هڪ وڏو چيلينج آهي، خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾اهو ڪم انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي. COVID-19 جهڙن مستقبل جي وبائي مرضن لاءِ تياري ۽ جوابي صلاحيتن ۾ موجود کوٽ کي پورو ڪرڻ ضروري آهي. آمريڪي فنڊنگ PEPFAR (HIV/AIDS)، Gavi ( ويڪسين الائنس)، ۽ گلوبل فنڊ سميت ڪيترن ئي عالمي پروگرامن جي مدد ڪري ٿي. ان امداد جي بند ٿيڻ سان آفريڪا، ڏکڻ اوڀر ايشيا، ۽ لاطيني آمريڪا جي غريب ملڪن ۾ HIV/AIDS، مليريا، ۽ ٻين وبائي بيمارين خلاف جاري ڪم بند ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ان سان ويڪسين ۽ دوائن جي عالمي سپلاءِ چين متاثر ٿي آهي.
سرويلنس جو نظام متاثر
WHOعالمي سطح تي بيمارين جي ڳولا ۽ رپورٽنگ لاءِ هڪ مرڪزي ادارو آهي. آمريڪا جي غير موجودگي جي صورت ۾، ڊيٽا جي مٽاسٽا ۽ عالمي سرويلنس جو نظام ڪمزور ٿي ويندو. مستقبل جي وبائي مرض يا صحت جي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري فوري ڪوآرڊينيشن ۽ گڏيل ريسرچ متاثر ٿيندي. آمريڪا جي باهر نڪرڻ سبب چين يا يورپي يونين جهڙن ٻين اهم طاقتور ملڪن WHO ۽ عالمي صحت جي پروگرامن کي اڳتي کڻي هلن لاءِ پنهنجي سفارتي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. آمريڪا جي سائنسي برادري ۽ CDC (Centers for Disease Control) جو اثر WHO جي پاليسين ۽ رهنمائي تي گهٽجي ويو آهي، جنهن جو اثر عالمي سائنسي معيارن تي پئجي سگهي ٿو. آمريڪا جو ڊبليو ايچ او سان هلندڙ جهيڙو رڳو هڪ سياسي مسئلو ناهي، پر ان جو سڌو سنئون اثر دنيا جي اربين ماڻهن جي صحت ۽ عالمي سلامتي جي حفاظت تي پوي ٿو. ٽرمپ جي ان ڪارروائي سان هن وقت پهرين پهرين ذيلي صحارا آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ايران، ليبيا، صوماليا، شام، يمن، ۽ وينزويلا جهڙا ملڪ، ان سان گڏوگڏ بعد ۾ ٻيا آفريڪي ملڪ به ڊبليو ايڇ او پروگرامن جي بندش جي ڪري سخت متاثر ٿيا آهن. ان سان دنيا جي اڪثر ملڪن جو آمريڪي سياسي قيادت تان اعتماد ئي کڄي ويو آهي.
ون هيلٿ (One Health) جو طريقو
وبائي مرضن کي روڪن لاءِ انسانن، جانورن ۽ ماحول جي صحت کي گڏيل طور ڏسڻ جو طريقو (One Health Approach) اختيار ڪيو ويندو. ڏکڻ ايشيا جي گهڻي آبادي ۽ زرعي نظام کي نظر ۾ رکندي، هي وبائي مرضن جي شروعات کي روڪڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، نيپال ۽ سريلنڪا هن معاهدي مان سڌي طرح هيٺيان فائدا حاصل ڪندا، انهن ملڪن کي ويڪسين هنگامي بنيادن تي فراهم ڪئي ويندي. هر ملڪ پنهنجي ڪارڪنن کي هيلٿ ٽريننگ ڏيندو. ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي علائقي اندر ئي دوا سازي جي پيداوار (Pharmaceutical Production) وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
چين جي هيلٿ ڊپلوميسي
چين ۽ ٻين ملڪن (جهڙوڪ برازيل، انڊونيشيا، بنگلاديش) گڏجي “فرينڊز آف فيئرنيس” (Friends of Fairness) جي فريم ورڪ تحت ڪم شروع ڪيو آهي.. هن گروپ جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ هو ته معاهدو ترقي يافته ملڪن جي حق ۾ نه جھڪي ۽ پيداوار، ٽيڪنالاجي منتقلي، ۽ فنڊنگ ۾ انصاف جو خيال رکيو وڃي. چين زور ڏنو آهي ته معاهدي ۾ ڪا به شق WHO کي ميمبر ملڪن جي قومي قانونن يا پاليسين کي سڌي طرح هدايت ڪرڻ جو اختيار نه ڏئي. هي ڏکڻ ايشيائي ملڪن لاءِ به هڪ اهم نقطو آهي. چين ڏکڻ ايشيا جي ملڪن سان پنهنجي بيمارين کي منهن ڏيڻ جي سفارتڪاري (Pandemic Diplomacy) کي مضبوط ڪيو آهي. چين پاڪستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش سميت ڪيترن ئي ڏکڻ ايشيائي ملڪن کي ويڪسين ۽ طبي سامان پهچائڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي. آفريڪا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ويڪسين پيداوار جي مرڪزن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي به پنهنجي صحت جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان، جيڪو وڏي آبادي ۽ محدود صحت جي بجيٽ وارو اسرندڙ ملڪ آهي، ان لاءِ هي معاهدو هڪ ئي وقت وڏا موقعا ۽ چئلينج کڻي اچي ٿو. وبائي مرض جي صورت ۾، پاڪستان کي PABS (Pathogen Access and Benefit Sharing) سسٽم تحت ويڪسين ۽ علاج جون شيون وقتائتي ۽ رعايتي قيمتن تي ملڻ جي ضمانت وڌي وڃي ٿي. ڪرونا واري دور جيان معيشت تي ڪو گهڻو دٻا نه پوندو. دوائن جي پيداوار ۾ خودڪفائي (Self-sufficiency) وڌندي، ملڪي صنعت کي هٿي ملندي، ۽ پاڪستان ٻين علائقن ڏانهن برآمد (Export) ڪري سگهندو. WHO ۽ ٻين ادارن جي سهڪار پاڪستان کي اڳ ۾ ئي 18.7 ملين ڊالر مليا آهن. مالي مدد سان ليبارٽريز ۽ ون هيلٿ (One Health) يونٽ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان کي معاهدي کي پنهنجي قومي قانونن (National Laws) سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو.. PABS سسٽم جي عملي تفصيلن تي اڃا ڳالهيون جاري آهن. عالمي ڪمپنين کي ناجائز شرط روڪڻ لا قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان کي پنهنجي جي ڊي پي (GDP) جو حصو صحت تي وڌائڻو پوندو (جيڪو WHO جي سفارش ڪيل 5% کان گهڻو گهٽ آهي)، ڇاڪاڻ ته صرف عالمي امداد تي ڀروسو ڪري نٿو سگهجي. پاڪستان هن معاهدي جي ڳالهين ۾ “گروپ فار ايڪوٽي” (Group for Equity) جي نمائندگي ڪئي آهي، هن وقت WHO لاءِ اندروني (مالياتي ڍانچي) ۽ بيروني (سياسي پولرائيزيشن) ٻئي خطرا موجود آهن.