| ٽرمپ پاڪستان آيو ته وينس کي واپس وڃڻو پوندو! |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي سيڪريٽ سروس نٿي چاهي ته نائب صدر جي ڊي وينس ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ئي وقت ساڳي جاءِ تي هجن، نه رڳو اهو جاري جنگ ۽ سيڪيورٽي خطرن جي وچ ۾ علائقي جي سفر سان لاڳاپيل آهي، پر گهريلو سفر لاءِ پڻ اهائي ايس او پي آهي. سي اين اين موجب سيڪريٽ سروس پاليسي سان واقف ذريعن موجب جيڪڏهن ٽرمپ آخرڪار پاڪستان جو سفر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته جيئن هو آخري معاهدي تي صحيح ڪري ته اهو ممڪن آهي ته وينس کي پهريان آمريڪا واپس اچڻو پوندو.