| ٽرمپ پاڻ کي آمريڪا سان گڏ وينزويلا جو وقتي صدر قرار ڏئي ڇڏيو |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ کي وينزويلا جو وقتي صدر ڊڪليئر ڪري ڇڏيو. ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا سائيٽ ٽرٿ سوشل تي پنهنجي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ هو پاڻ کي وينزويلا جي قائم مقام صدر طور پيش ڪري رهيو آهي. ٽرمپ جي پوسٽ موجب هو جنوري 2026 کان ڏکڻ آمريڪي ملڪ وينزويلا جي عبوري صدر طور ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان پوسٽ ۾ جي ڊي وينس کي وينزويلا جو قائم مقام نائب صدر به قرار ڏنو ويو آهي.