ٽرمپ کي جواب: چين فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ٽرمپ کي جواب: چين فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بيجنگ (م ڊ) چين وچ اوڀر ۾ جنگ ڪندڙ ڌرين کان فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آھي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائو ننگ ٽرمپ پاران ايندڙ هفتن ۾ ايران تي سخت حملن جي ڌمڪي ڏيڻ کان پوءِ جنگ ۾ شامل سڀني ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي فوجي ڪارروائيون بند ڪن. پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو تھ فوجي حملا بنيادي مسئلي کي حل نٿا ڪري سگهن، ۽ تڪرار ۾ اضافو ڪنهن به ڌر جي مفاد ۾ ناهي لاڳاپيل ڌرين کي فوري طور تي فوجي ڪارروائيون بند ڪرڻ گھرجن. ھن آمريڪا ۽ اسرائيل کي ھرمز کاڙي ۾ ڏڦيڙ جو ذميوار قرار ڏيندي چيو تھ هرمز ۾ انتشار جو بنيادي سبب غيرقانوني فوجي ڪارروائيون آهن، سڀني ڌرين کي عالمي معيشت ۽ توانائي جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ سنگين اثر کان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.