ٽرمپ کي عهدي تان هٽائڻ ۽ مواخذي جا مطالبا وڌي ويا

ٽرمپ کي عهدي تان هٽائڻ ۽ مواخذي جا مطالبا وڌي ويا

واشنگٽن(م ڊ) ايران تي آمريڪا جي جنگ کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي عهدي تان هٽائڻ ۽ سندس مواخذو ڪرڻ جا مطالبا وڌي رهيا آهن. آمريڪي قانون ساز ٽرمپ انتظاميه ميمبرن تي زور ڏئي رهيا آهن ته هو آمريڪي آئين جي 25 هين ترميم کي استعمال ڪندي صدر کي عهدي تان هٽائي ڇڏين، ان ترميم تحت جيڪڏھن صدر ڪم ڪرڻ جي قابل نه هجي تھ اقتدار نائب صدر کي منتقل ڪيو وڃي. ايريزونا مان چونڊيل ڪانگريس وومين ياسمين انصاري نئين ميمبر آھي جنهن ٽرمپ خلاف 25 هين ترميم لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ھن لکيو تھ ٽرمپ هڪ تباهھ ڪندڙ غير قانوني جنگ کي وڌائي رهيو آهي، جنھن سان وڏي پيماني تي جنگي ڏوهن جو خطرو آھي ھو ايران ۾ شهري انفرااسٽرڪچر کي نشانو بڻائي رهيو آهي. گذريل 48 ڪلاڪن ۾ بيان بازي هر حد پار ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ ميني سوٽا جي ڪانگريس وومين الهان عمر پڻ ايران ۾ شهري انفرااسٽرڪچر تي ٽرمپ جي حملي جي خطري تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو تھ هن بي رحم پاڳل کي عهدي تان هٽائڻ گهرجي. نيو ميڪسيڪو مان چونڊيل ڪانگريس وومين ميلاني اسٽينسبري پڻ چيو ته 25 هين ترميم تي عمل ڪرڻ جو وقت آهي. ڪانگريس ۽ ڪابينا کي عمل ڪرڻ گهرجي. الينوئيس جي اڳوڻي ريپبلڪن ڪانگريس ميمبر جو والش پڻ ٽرمپ بابت چيو تھ هو هميشه لاءِ هن دنيا ۽ ھن ملڪ تي هڪ داغ رهندو. ھاڻي 25 هين ترميم تي عمل ٿيڻ گھرجي. ڊيموڪريٽ سينيٽ ميمبر ڪرس مرفي ايڪس تي پوسٽ ڪئي تھ جيڪڏهن مان ٽرمپ جي ڪابينا ۾ هجان ها ته مان ايسٽر تي آئيني وڪيلن کي فون ڪري چوان ھا تھ 25 هين ترميم تي عمل ڪيو وڃي هي مڪمل طور تي بددماغ آھي. هو اڳ ۾ ئي هزارين ماري چڪو آهي وڌيڪ هزارين ماڻھو مارڻ وارو آهي.