| ٽرمپ ڪريل حرڪتن تي لهي آيو، ايرانين کي گاريون |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جو صدر ايران خلاف جنگ ۾ مڇرجي ڪريل حرڪتن تي لهي آهي گاريون ڏنيون ۽ الله لفظ ۽ سبحان الله جو ترجمو به شيئر ڪيو. گاريون ڏيڻ تي ٽرمپ جي مذمت ڪئي پئي وڃي. ٽرمپ پنهنجي ٽرٿ سوشل اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ گٿا لفظ لکيا ۽ اهو به لکيو ته پاڳل ۽ حرامزادا ايرانيو توهان جهنم ۾ ويندئو. هن اهو به لکيو ته تعريف الله لاءِ آهي. جيڪو سبحان الله جو ترجمو آهي. ٽرمپ جي ان عمل تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.