ٽرمپ ۽ هيگسيٿ ڪوڙا ثابت ٿيا آهن: سي اين اين

ٽرمپ ۽ هيگسيٿ ڪوڙا ثابت ٿيا آهن: سي اين اين

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي جهازن جي ڪيرائڻ سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جنگ جي وزير پيٽ هيگسيٿ جي ايراني هوائي حدن تي مڪمل ڪنٽرول جي دعوائن جو خاتمو ٿي ويو آهي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين چيو آهي ته ٽرمپ ۽ هيگسيٿ ٻئي مسلسل دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ايران ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي جهازن کي روڪڻ وارو ڪو به ناهي اهي جتي چاهين حملو ڪري سگهن ٿا. ايراني هوائي فوج، ايراني بحريه ۽ ايران جو ريڊار سسٽم تباهه ٿي چڪو آهي. ٽرمپ جي ايراني هوائي حدن تي مڪمل ڪنٽرول جي دعويٰ غلط ثابت ٿي چڪي آهي، جهازن جو ڪيرائڻ ۽ پائلٽ جو گم ٿيڻ آمريڪي عوام لاءِ ناقابل قبول آهي. سي اين اين تصديق ڪئي آهي ته ايران طرفان هاڻي تائين 7 آمريڪي جهازن کي ڪيرايو ويو آهي. تباهه ٿيل جهازن ۾ ايف-35، ايف-15 ايگل ۽ اي-3 جاسوس جهاز شامل آهن.