| ٽرمپ ۾ همت آهي ته پنهنجي نيوي هرمز ۾ اماڻي: پاسداران انقلاب |
تهران: پاسداران انقلاب جي ترجمان جنرل علي محمد چيو آهي ته ايران اڃا تائين اهي ميزائل استعمال ڪري رهيو آهي جيڪي هن ڏهه سال اڳ تيار ڪيا هئا. هن چيو ته ايران اڃا تائين اهي ميزائل استعمال نه ڪيا آهن جيڪي جون 2025 کانپوءِ تيار ڪيا ويا آهن. پاسدارانِ انقلاب ايران جي ترجمان چيو آهي ته ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا ايراني سامونڊي تباهه ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ همت ڪري ۽ آمريڪي بحريه کي ايراني نار ڏانهن موڪلي.